اسلام آباد - 16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي آپريشن دوران ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي ڪيترن ئي دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز پنهنجي پيشيواراڻي مهارت سان دهشتگردن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته اسپن وام، …
وزيراعظم پاران ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي ڪيترن ئي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي آپريشن دوران ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي ڪيترن ئي دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز پنهنجي پيشيواراڻي مهارت سان دهشتگردن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته اسپن وام، ڏکڻ وزيرستان ۽ بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز 34 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري پنهنجي پيشيواراڻي مهارت جو ثبوت ڏنو ۽ دهشتگردن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني عوام جي حفاظت ۽ ملڪي سالميت جي لاءِ دهشتگردي جي خلاف هر ممڪن قدم کنيا ويندا. هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردي جي خاتمي واري مهم مڪمل تحرڪ سان جاري رهندي. پاڪستان ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي.











