اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پوليو مهم جي شروعاتي ٽن ڏينهن ۾ 3 ڪروڙ 71 لک کان وڌيڪ ٻارن جي ويڪسينيشن مڪمل ڪئي وئي آهي، قومي پوليو روڪٿام واري مهم چوٿين ڏينهن به ڀرپور انداز ۾ جاري رهي. قومي ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) طرفان جاري بيان موجب پنجاب ۾ 2 ڪروڙ 10 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا، سنڌ ۾ 73 لک …
پوليو مهم جي شروعاتي ٽن ڏينهن ۾ 3 ڪروڙ 71 لک کان وڌيڪ ٻارن جي ويڪسينيشن مڪمل ڪئي وئي

مزید خبریں
اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پوليو مهم جي شروعاتي ٽن ڏينهن ۾ 3 ڪروڙ 71 لک کان وڌيڪ ٻارن جي ويڪسينيشن مڪمل ڪئي وئي آهي، قومي پوليو روڪٿام واري مهم چوٿين ڏينهن به ڀرپور انداز ۾ جاري رهي. قومي ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) طرفان جاري بيان موجب پنجاب ۾ 2 ڪروڙ 10 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا، سنڌ ۾ 73 لک 74 هزار ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا، خيبرپختونخوا ۾ 54 لک 59هزار ِٻارن، بلوچستان ۾ 21 لک 18 هزار ٻارن، اسلام آباد ۾ 2 لک 89 هزار ٻارن، گلگت بلتستان ۾ 2 لک 71 هزار ٻارن ۽ آزاد ڪشمير ۾ 6 لک 99 هزار ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا. پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ گڏيل ۽ مسلسل ڪوششون جاري آهن، هلندڙ هفتي جي مهم ۾ 4 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ٻارن جو هدف بڻايو پيو وڃي ۽ پوليو مهم 19 آڪٽوبر تائين بنا رنڊڪ جاري رهندي، ڏکڻ خيبرپختونخوا ۾ اها مهم 20 آڪٽوبر کان منعقد ڪئي ويندي.











