واشنگٽن -15 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي ساراهيندي ايم 6 موٽر وي، ايم ايل ون، اسڪل ڊولپمينٽ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي بنيادي ڍانچي جي منصوبن ۾ سعودي عرب جي شموليت جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن اها ڳالهه واشنگٽن ڊي سي ۾ عالمي بئنڪ ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي سالياني اجلاس جي موقعي تي …
پاڪ – سعوديه اسٽريٽجڪ حصيداري سٺو سنئوڻ آهي: ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب
واشنگٽن -15 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي ساراهيندي ايم 6 موٽر وي، ايم ايل ون، اسڪل ڊولپمينٽ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي بنيادي ڍانچي جي منصوبن ۾ سعودي عرب جي شموليت جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن اها ڳالهه واشنگٽن ڊي سي ۾ عالمي بئنڪ ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ترقي بابت سعودي فنڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان عبدالرحمان الِمرشد سان ملاقات ۾ چئي. ناڻي واري وزير پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي ساراهيو ۽ سعودي عرب طرفان تيل جي دير سان ادائيگي جي سهولت تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هن وڌيڪ تعاون لاءِ حيدرآباد – سکر موٽر وي (ايم 6) ، ايم ايل ون، اسڪل ڊولپمينٽ ۽ آءِ ٽي انفرا اسٽرڪچر جي منصوبن ۾ سعودي عرب جي شموليت جي درخواست ڪئي ۽ ڊجيٽل پاڪستان ايجنڊا لاءِ سعودي فنڊ جي حمايت کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو. ناڻي واري وزير آمريڪي صدر جي عالمي معاشي معاملن واري صلاحڪار ايموري ڪاڪس، ڏکڻ ۽ مرڪزي ايشيا بابت سينئر ڊائريڪٽر ريڪي گل ۽ وائيٽ هائوس ڪائونسل آف اڪنامڪس ايڊوائيزري جي وقتي چيئرپرسن پيري يارڊ سان تفصيلي ملاقات ڪئي. هن جولاءِ ۾ واپار بابت آمريڪي سيڪريٽري هاورڊ لٽنڪ ۽ يو ايس ٽي آر سفير ساره گريئر سان پنهنجي ملاقاتن جو حوالو ڏيندي چيو ته واپار جي ميدان ۾ اڀرندڙ اتفاق راءِ کي جامع معاشي حصيداري ۾ بدلائڻ جي ضرورت آهي. ملاقات ۾ توانائي، معدنيات، زراعت، ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل اثاثن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي امڪانن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ سانوڻي جي برساتن سبب ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن تي آمريڪا طرفان همدردي جي اظهار تي شڪريو به ادا ڪيو. عالمي مالياتي فنڊ جي ڊپٽي مينيجنگ ڊائريڪٽر نائيجل ڪلارڪ سان ملاقات ۾ ناڻي واري وزير پروگرام تحت پاڪستان جي ڪارڪردگي کي ساراهڻ تي شڪريو ادا ڪيو ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت استحڪام ۽ سڌارن جي جاري عمل کي برقرار رکندي. هن توسيعي فنڊ سهولت ۽ ريزيليئنس اينڊ سسٽين ايبلٽي ٽرسٽ تحت مدد تي آءِ ايم ايف جو شڪريو ادا ڪيو. گروپ 24 جي ناڻي وارن وزيرن ۽ گورنرز جي اجلاس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ معيشت جي استحڪام ۾ ٿيل اڳڀرائي تي روشني وڌي ۽ چيو ته ٽيڪس، توانائي ۽ سرڪاري ادارن جي ڍانچن ۾ اهي ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن. هن علائقائي واپاري راهدارين ۽ موسمياتي تبديلين جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي تعاون جي ضرورت تي به زور ڀريو. جيفريز انٽرنيشنل طرفان منعقد سيڙپڪارن جي اجلاس ۾ ناڻي واري وزير شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جي معاشي صورتحال، مانيٽري پاليسي، ٻاهرين شعبن جي چرپر ۽ آءِ ايم ايف سان جاري حصيداري تي بريفنگ ڏني. هن ٽيڪس سڌارن، توانائي جي شعبن ۾ سڌارن، نجڪاري جي منصوبن ۽ روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ حڪومتي ٽيرف پاليسي تي روشني وڌي. اجلاس جي آخر ۾ سيڙپڪارن سان سوالن ۽ جوابن جو سيشن به ٿيو. عالمي بئنڪ جي وچ اوڀر، اتر آفريقا، افغانستان ۽ پاڪستان بابت نائب صدر سان ملاقات ۾ سينيٽر محمد اورنگزيب نئين ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ کي اثرائتي طريقي سان لاڳو ڪرڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ٻڌايو ته ان حوالي سان هڪ جامع عملداري منصوبو تيار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ صوبائي حڪومتن جي مڪمل مشاورت شامل آهي. ناڻي واري وزير پاڪستان جي موسمياتي لچڪ کي مضبوط بڻائيندي ڊگهي مدي واري فلڊ ميگيشن پروگرام لاءِ مدد جي پڻ درخواست ڪئي. اوڀر بئنڪ جي گروپ سي اي او احمد عبدالعال ۽ اعليٰ انتظاميه سان ملاقات ۾ ناڻي واري وزير پاڪستان ۽ ان عالمي شهرت يافته مالياتي اداري جي پراڻن لاڳاپن کي ساراهيو. هن بئنڪ جي پاڪستان ۾ باقاعده واپاري شروعات تي انتظاميه کي مبارڪون ڏنيون ۽ خاطري ظاهر ڪئي ته اوڀر بئنڪ جي آمد سان مالياتي نظام ۾ جدت آڻڻ ۽ سيڙپڪاري جا موقعا وڌائڻ ۾ مدد ملندي. ناڻي واري وزير عالمي بئنڪ جي اهتمام هيٺ مشن ايگري ڪنيڪٽ فارمز، فرمز اينڊ فنانس فار جابز ڊائيلاگ ۾ به شرڪت ڪئي جتي هن پاڪستان جي معيشت ۾ زراعت جي مرڪزي ڪردار کي اجاگر ڪيو. هن خريداري ۽ قيمتن جي حڪومتي ڪنٽرول ۾ گهٽتائي جي سفارش ڪئي ۽ آبادگارن لاءِ رعايتي قرضن، فرسٽ لاس گارنٽيز ۽ بنا ضمانت جي فنانسنگ جهڙن قدمن تي زور ڀريو. هن ڪولڊ چين، ويئر هائوسنگ ۽ هارٽيڪلچر ويليو ايڊيشن ۾ نجي شعبي جي سيڙپڪاري وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير عالمي بئنڪ جي 10 سالا ڪنٽري پارٽنر شپ فريم ورڪ ۾ موسمياتي لچڪ ۽ ڪاربن ۾ گهٽتائي تي ڌيان کي ساراهيندي صدر اجئه بنگا جي ان تجويز جي تائيد ڪئي ته ڪامياب ماڊلز مان سبق حاصل ڪيو وڃي.








