چين ۾ 138 هين ڪينٽن ميلي جي شروعات، 32 هزار کان وڌيڪ ڪمپنين جي شرڪت

بيجنگ-15 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي شهر گوانگچو ۾ 138 هين ڪينٽن ميلي جي شروعات ٿي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪينٽن ميلو 15 آڪٽوبر کان 4 نومبر تائين ٽن مرحلن ۾ منعقد ٿي رهيو آهي، ان ڪينٽن ميلي جي نمائشي ايراضي 1.55 ملين چورس ميٽرن تائين پهچي وئي آهي جنهن ۾ ڪل 74600 بوٿ قائم آهن ۽ نمائش ۾ حصو وٺندڙ ڪمپنين جو انگ 32 هزار کان وڌيڪ …

بيجنگ-15 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي شهر گوانگچو ۾ 138 هين ڪينٽن ميلي جي شروعات ٿي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪينٽن ميلو 15 آڪٽوبر کان 4 نومبر تائين ٽن مرحلن ۾ منعقد ٿي رهيو آهي، ان ڪينٽن ميلي جي نمائشي ايراضي 1.55 ملين چورس ميٽرن تائين پهچي وئي آهي جنهن ۾ ڪل 74600 بوٿ قائم آهن ۽ نمائش ۾ حصو وٺندڙ ڪمپنين جو انگ 32 هزار کان وڌيڪ آهي. نمائش جي موضوعن ۾ صنعتي آٽوميشن ۽ ذهين مينيوفيڪچرنگ، نئين توانائي جون گاڏيون ۽ سمارٽ ٽريول جهڙيون نئين معيار جون پيداواري صلاحيتون شامل آهن. ڪينٽن ميلي لاءِ بائيون هوائي اڏي ۾ 6 خصوصي چئنلز قائم ڪيا ويا آهن ته جيئن نمائش ڪندڙن ڪسٽم سان تيزي، موثر ۽ آساني سان گذري سگهن.