غزه جي نئين سر تعمير تي 70 ارب ڊالرن جي لاڳت ايندي:گڏيل قومون

جنيوا-15 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي ترقياتي ماهرن گذريل ڏينهن انڪشاف ڪيو آهي ته اسرائيل جي ٻن سالن جي جنگي حملن سبب تباهه ٿيل غزه جي نئين سر تعمير ۽ ان کي ٻيهر محفوظ بنائڻ لاءِ اٽڪل 70 ارب ڊالرز لڳندا جڏهن ته امدادي  ادارن خبردار ڪيو آهي ته هاڻي به تمام گهٽ امداد فلسطيني عوام تائين پهچي رهي آهي. گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام(يو اين ڊي پي) …

جنيوا-15 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي ترقياتي ماهرن گذريل ڏينهن انڪشاف ڪيو آهي ته اسرائيل جي ٻن سالن جي جنگي حملن سبب تباهه ٿيل غزه جي نئين سر تعمير ۽ ان کي ٻيهر محفوظ بنائڻ لاءِ اٽڪل 70 ارب ڊالرز لڳندا جڏهن ته امدادي  ادارن خبردار ڪيو آهي ته هاڻي به تمام گهٽ امداد فلسطيني عوام تائين پهچي رهي آهي. گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام(يو اين ڊي پي) جي خصوصي نمائندي، جيڪو سيليئرز موجب غزه پٽي رڳو 41 ڪلو ميٽر ڊگهي ۽ 2 کان 5 ڪلو ميٽر ويڪري آهي ۽ لڳاتار بمباري سبب متاثر ٿي چڪي آهي. غزه جو 84 سيڪڙو علائقو تباهه ٿي چڪو آهي جڏهن ته غزه شهر ۾ اها شرح 92 سيڪڙو ٿي چڪي آهي جيڪو سيلئيرز جنيوا ۾ صحافين کي ٻڌايو ته گڏيل قومن يورپي يونين ۽ عالمي بينڪ پاران تيار ڪيل تازي” انٽرم ريپڊ ڊيميج اينڊ نيڊز اسيسمينٽ موجب ايندڙ ٽن سالن ۾ 20 ارب ڊالرن جي فوري ضرورت آهي. ان موجب هيستائين 81  هزار ٽن ملبو هٽايو ويو آهي جيڪو اٽڪل 3100 ٽرڪن جي برابر آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهو ملبو هٽائڻ جو مقصد انساني امداد جي رسائي کي ممڪن بڻائڻ آهي ته جيئن اسپتالن ۽ ٻين خدمتن کي بحال ڪري سگهجي. هن چيو ته عرب ملڪن، يورپي يونين ۽ آمريڪا پاران غزه جي نئين سر تعمير لاءِ درست اشارا مليا آهن. آمريڪا شروعاتي بحالي جي ڪوششن ۾ شموليت جو اشارو به ڏنو آهي. اها اڳڀرائي سومر جي شام شرم الشيخ ۾ ٿيل جنگ بندي معاهدي کانپوءِ سامهون آئي جنهن تي حماس ۽ اسرائيل صحيحيون ڪيون. معاهدي ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مصر، قطر ۽ ترڪيه جي رهنمائي به شامل هئي.