آمريڪا روس تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ پنهنجي جي – سيون اتحادين سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار

واشنگٽن-15 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ واشنگٽن ۾ يوڪرين جي وزيراعظم يوليا سويريدينڪو سان ملاقات دوران يقين ڏياريو آهي ته آمريڪا، روس تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ جي - سيون اتحادين سان ڀرپور تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي ناڻي واري وزير پاران جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪا روس تي دٻاءَ جي مهم کي تيز ڪرڻ جي مهم تي زور ڀريو ۽ …

واشنگٽن-15 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ واشنگٽن ۾ يوڪرين جي وزيراعظم يوليا سويريدينڪو سان ملاقات دوران يقين ڏياريو آهي ته آمريڪا، روس تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ جي – سيون اتحادين سان ڀرپور تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي ناڻي واري وزير پاران جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪا روس تي دٻاءَ جي مهم کي تيز ڪرڻ جي مهم تي زور ڀريو ۽ خاص طور تي يورپي اتحادين کان مطالبو ڪيو ته نه رڳو روس پر انهن سمورن معيشتن خلاف به سخت قدم کڻي جيڪي روس کان تيل خريد ڪري رهيا آهن. ملاقات دوران بيسنٽ يوڪرين پاران آمريڪا -يوڪرين نئين سر تعمير سيڙپڪاري فنڊ جي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو. ياد رهي ته ان کان اڳ يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي جي آفيس جي سربراهه آندري يرماڪ ٻڌايو هو ته  وزيراعظم سويريدينڪو جي قيادت ۾ هڪ اعليٰ سطحي يوڪرين جو وفد آمريڪا روانو ٿي رهيو آهي جتي هو هٿيارن جي فراهمي، هوائي دفاع کي مضبوط بنائڻ ۽ حملي جي صلاحيتن ۾ بهتري جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ان کانسواءِ يوڪرين جو وفد سردين کان اڳ توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي امڪانن تي به ڳالهه ٻولهه ڪندو.