رياض-15 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪيميا ۾ نوبل انعام حاصل ڪندڙ سعودي پروفيسر عمر ياغي چيو آهي ته نوبل انعام ڏيڻ جو اطلاع منهنجي لاءِ حقيقت ۾ هڪ ڇرڪائيندڙ خبر هئي، آئون فرينڪفرٽ ايئرپورٽ تي هئس ۽ ٽرانزٽ فلائيٽ لاءِ وڃي رهيو هئس ته نوبل ڪميٽي جي ڪال آئي. پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي سعودي سائنسدان عمر ياغي ٻڌايو ته انعام جو حقدار قرار ڏيڻ منهنجي لاءِ واقعي هڪ سرپرائز هو، …
نوبل انعام جو حقدار قرار ڏيڻ منهنجي لاءِ سرپرائز هو: سعودي پروفيسر عمرياغي
رياض-15 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪيميا ۾ نوبل انعام حاصل ڪندڙ سعودي پروفيسر عمر ياغي چيو آهي ته نوبل انعام ڏيڻ جو اطلاع منهنجي لاءِ حقيقت ۾ هڪ ڇرڪائيندڙ خبر هئي، آئون فرينڪفرٽ ايئرپورٽ تي هئس ۽ ٽرانزٽ فلائيٽ لاءِ وڃي رهيو هئس ته نوبل ڪميٽي جي ڪال آئي. پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي سعودي سائنسدان عمر ياغي ٻڌايو ته انعام جو حقدار قرار ڏيڻ منهنجي لاءِ واقعي هڪ سرپرائز هو، جڏهن ماڻهن منهنجي احساسن جي باري ۾ دريافت ڪيو ته ڪجهه بيان نه ڪري سگهيس ڇاڪاڻ ته انسان اهڙين حالتن ۾ پهرين کان تيار نه هوندو آهي. پروفيسر ياغي چيو ته مملڪت ۾ تعليم جي خدمت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان م اڳتي وڌڻ لاءِ گهربل وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم ۽ مخلص قيادت موجود آهي. مملڪت ۾ نوجوانن لاءِ سائنسي ميدان ۾ تحقيق ڪرڻ ۽ ان ۾ اڳتي وڌڻ جا بي پناهه موقعا موجود آهن، کين گهرجي ته ان مان فائدو کڻڻ ۽ وڌ کان وڌ وقت علمي ريسرچ ۾ گذارين. هن شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد وزيراعظم محمد بن سلمان طرفان ريسرچ جي معاملن کي ساراهڻ ۽ ان حوالي سان مسلسل ۽ ڀرپور تعاون ملڻ تي ٿورو مڃيو. هن چيو ته سعودي عرب هڪ عظيم الشان تبديلي مان گذري رهيو آهي، عالمي سطح تي سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي حوالن سان اهم حصيدار طور اڀري سامهون ايندو. مملڪت ۾ ٽئلينٽ جي کوٽ ناهي، نوبل انعام يا فته سائنسدان انڪشاف ڪيو ته هو جنهن سائنسي تحقيق تي مصروف آهي ان ذريعي ريسرچ جي عمل کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ملندي جيڪي نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي ٻن کان ٽن سالن جو وقت لڳندو آهي اهي هاڻي صرف ڪجهه هفتن ۾ حاصل ٿي سگهندا.ياد رهي ته سوئيڊن جي رائل اڪيڊمي آف سائنسز سعودي سائنس دان عمر بن يونس ياغي، جاپاني سائنسدان سوسو موڪيٽا گاوا ۽ آسٽريلوي سائنسدان رچرڊ روبسن کي ڪيميا بابت نوبل انعام 2025ع ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، نوبل ڪميٽي موجب انهن ٽنهي انعام يافته هڪ نئين قسم جي ماليڪيولائي ساخت معلوم ڪئي آهي جنهن سان ڌات ۽ آرگينڪ جزن کي ملائڻ سان فريم ورڪ تيار ڪري سگهجي ٿو، جنهن جي ذريعي ماليڪيول اندر ۽ ٻاهر حرڪت ڪري سگهن ٿا، ان عمل کي ريگستان ۾ هوا مان پاڻي حاصل ڪرڻ، پاڻي مان گدلاڻ ختم ڪرڻ ۽ ڪاربن ڊآءِ آڪسائيڊ کي ذخيرو ڪرڻ جهڙا مفيد ڪم ڪري سگهبا.








