ٽوڪيو-15 آڪٽوبر (اي پي پي) جاپان جي پارليامينٽ جي هيٺين ايوان ۾ نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ 21 آڪٽوبر تي ووٽنگ ٿيندي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو اعلان ڪابينا جي چيف سيڪريٽري يوشيما ساهياشي پارلياماني رابطن واري ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو. حڪمران پارٽي لبرل ڊيموڪريٽڪ پارٽي (ايل ڊي پي) چونڊن کان اڳ پنهنجي تيارين کي حتمي شڪل ڏئي رهي آهي، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته پارٽي طرفان سنائي تاڪائچي …
جاپان ۾ نئين وزيراعظم جي چونڊ 21 آڪٽوبر تي ٿيندي
ٽوڪيو-15 آڪٽوبر (اي پي پي) جاپان جي پارليامينٽ جي هيٺين ايوان ۾ نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ 21 آڪٽوبر تي ووٽنگ ٿيندي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو اعلان ڪابينا جي چيف سيڪريٽري يوشيما ساهياشي پارلياماني رابطن واري ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو. حڪمران پارٽي لبرل ڊيموڪريٽڪ پارٽي (ايل ڊي پي) چونڊن کان اڳ پنهنجي تيارين کي حتمي شڪل ڏئي رهي آهي، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته پارٽي طرفان سنائي تاڪائچي کي وزارت عظميٰ لاءِ نامزد ڪيو ويندو. ٻئي طرف مخالف ڌر جون پارٽيون به سرگرم ٿي ويون آهن ۽ هڪ متفقه اميدوار سامهون آڻڻ لاءِ مشاورت جاري آهي. جيڪڏهن مخالف ڌر هڪ اميدوار تي متفق ٿي وئي ته حڪومتي پارٽي کان اقتدار ڦري سگهي ٿي، جيڪو 2012ع کان اقتدار ۾ آهي. اها صورتحال ان سياسي غير يقيني جو نتيجو آهي جيڪو لبرل ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۽ ان جي اتحادي پارٽي ڪومتيو جي اتحاد جي ٽٽڻ کانپوءِ پيدا ٿي، 10 آڪٽوبر 2025ع تي ڪوميتو اتحاد کان ڌار ٿيو جنهن کانپوءِ حڪمران اتحاد ٻنهي ايوانن ۾ اڪثريت وڃائي ويٺو.








