ڪوالالمپور- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) ملائيشيا جي پرڏيهي وزير محمد حسن چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 26 آڪٽوبر تي ملائيشيا جو دورو ڪندو ۽ ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ مستقل جنگ بندي معاهدي واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملائيشيا ۽ آمريڪا ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ جنگ بندي جي عمل ۾ سهولتڪاري ڪندا، جنهن تحت ٻنهي ملڪن کي …
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 26 آڪٽوبر تي ملائيشيا جو دورو ڪندو
ڪوالالمپور- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) ملائيشيا جي پرڏيهي وزير محمد حسن چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 26 آڪٽوبر تي ملائيشيا جو دورو ڪندو ۽ ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ مستقل جنگ بندي معاهدي واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملائيشيا ۽ آمريڪا ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ جنگ بندي جي عمل ۾ سهولتڪاري ڪندا، جنهن تحت ٻنهي ملڪن کي پنهنجي سرحدن تان سموريون بارودي سرنگون ۽ وزني هٿيار هٽائڻا پوندا. هن چيو ته معاهدي تي صحيحون ملائيشيا جي گادي واري شهر ڪوالالمپور ۾ 26 کان 28 آڪٽوبر تائين ٿيندڙ آسيان سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿيڻ جي اميد آهي. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته آسيان سربراهي اجلاس دوران ٻنهي پاڙيسي ملڪن وچ ۾ هڪ پڌرائي تي صحيحون ٿينديون.








