ايندڙ مرحلي ۾ غزه جي انتظام ۾ اهم ڪردار ادا ڪنداسين: فرانس

شرم الشيخ- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون چيو آهي ته فرانس ايندڙ مرحلي ۾ غزه جي انتطام ۾ هڪ انتهائي خاص ڪردار ادا ڪندو، جيڪو فلسطيني اٿارٽي سان گڏجي ڪري انجام ڏنو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن اها ڳالهه مصر جي شهر شرم الشيخ پهچڻ تي چئي جتي هو مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارت هيٺ امب سربراهه ڪانفرنس …

شرم الشيخ- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون چيو آهي ته فرانس ايندڙ مرحلي ۾ غزه جي انتطام ۾ هڪ انتهائي خاص ڪردار ادا ڪندو، جيڪو فلسطيني اٿارٽي سان گڏجي ڪري انجام ڏنو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن اها ڳالهه مصر جي شهر شرم الشيخ پهچڻ تي چئي جتي هو مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارت هيٺ امب سربراهه ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ آيل آهي. هن چيو ته اسان فلسطيني اٿارٽي سان هڪ خصوصي ڪردار ادا ڪنداسين، اسان اهو يقيني بڻائينداسين ته اٿارٽي کي ان عمل ۾ بهتر ڪردار ملي ۽ جنگ کان پوءِ گهربل سڌارن تي عمل ڪري. فرانس جي صدر ٻڌايو ته فلسطيني صدر محمود عباس شرم الشيخ سمٽ ۾ شريڪ ٿيندو. هن ان کي ”تمام سٺو اشارو “قرار ڏنو جيڪو فلسطيني اٿارٽي جي آئيني ۽ معتبر اداري طور تي ڪردار جو اعتراف آهي.