ڊبليو ايڇ او پاران ڀارت ۾ تيار ٿيندڙ کنگهه جي شربت بابت عالمي خبرداري

جنيوا- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت جي عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) هڪ صحت ايڊوائيزري جاري ڪندي خبردار ڪيو آهي ته ڀارت ۾ تيار ٿيندڙ کنگهه جي شربت ۾ مضر اثرات مليا آهن، جنهن سان ٻارن جي فوتگين جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. ڊبليو ايڇ او سڄي دنيا جي ملڪن تي زور ڀريو آهي ته جيڪڏهن انهن وٽ ان دوا جي موجودگي جو پتو پئي ٿو ته جلد رپورٽ …

جنيوا- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت جي عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) هڪ صحت ايڊوائيزري جاري ڪندي خبردار ڪيو آهي ته ڀارت ۾ تيار ٿيندڙ کنگهه جي شربت ۾ مضر اثرات مليا آهن، جنهن سان ٻارن جي فوتگين جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. ڊبليو ايڇ او سڄي دنيا جي ملڪن تي زور ڀريو آهي ته جيڪڏهن انهن وٽ ان دوا جي موجودگي جو پتو پئي ٿو ته جلد رپورٽ ڪن. اداري مطابق جن دوائن جي مخصوص بيچز کي خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي انهن ۾ ڪولڊرف، ريپسي فريش ٽي آر ۽ ري لائف شامل آهن. واضع رهي ته ڀارتي رياست مڌيه پرديش جي علائقي پراسيه ۾ واقع هڪ واقعي ۾ ڪولڊرف جي استعمال سان ڪجهه ٻارن جي فوتگين جا اطلاع مليا آهن جنهن بعد صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي . ڊبليو ايڇ او اهو به چيو آهي ته ان دوا ۾ خطرناڪ گدلاڻ جي موجودگي جي تحقيقات جاري آهي. هو عالمي سطح تي ملڪن کي سهڪار جي اپيل ڪري رهيا آهن ته جيئن جعلي يا صحت لاءِ هاڃيڪار دوائن جي پکيڙ کي روڪي سگهجي.