سعودي عرب پاران آسڪر ۾ نامزدگي لاءِ فلم هجر جي چونڊ

رياض- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي فلم ڪميشن فيچر فلم هجر کي عالمي فيچر فلم جي ڪيٽيگري ۾ آسڪر ايوارڊ لاءِ مملڪت جي نمائندگي لاءِ چونڊيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي فلم سليڪشن ڪميٽي جي نگراني ۾ ڪيترين ئي فلمن جو جائزو ورتو ويو بعد ۾ فلم هجر جي چونڊ ڪئي وئي. سعودي فلم ان ڪيٽگري ۾ سڄي دنيا جي ڪيترين ئي فلمن جو مقابلو ڪندي ان جي شروعات …

رياض- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي فلم ڪميشن فيچر فلم هجر کي عالمي فيچر فلم جي ڪيٽيگري ۾ آسڪر ايوارڊ لاءِ مملڪت جي نمائندگي لاءِ چونڊيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي فلم سليڪشن ڪميٽي جي نگراني ۾ ڪيترين ئي فلمن جو جائزو ورتو ويو بعد ۾ فلم هجر جي چونڊ ڪئي وئي. سعودي فلم ان ڪيٽگري ۾ سڄي دنيا جي ڪيترين ئي فلمن جو مقابلو ڪندي ان جي شروعات لسٽ جي اعلان سان ٿيندي جنهن کان پوءِ اڪيڊمي قطعي لسٽ جاري ڪندي. بهترين عالمي فيچر فلم جي ايوارڊ جو اعلان مارچ ۾ لاس اينجلس ۾ ٿيندڙ 98 هين اڪيڊمي ايوارڊ جي تقريب ۾ ڪيو ويندو. فلم هجر سعودي سينيما جي تازي پروڊڪشن مان هڪ آهي جيڪا مقامي ۽ مملڪت جي ثقافتي سڃاڻپ جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿي ان جو هدايتڪار شهد امين آهي.