واپاري جنگ ۾ آخري حد تائين وڙهنداسين، چين پاران آمريڪا کي جواب

بيجنگ- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) چين اعلان ڪيو آهي ته هو آمريڪا سان واپاري جنگ ۾ ” آخري حد تائين وڙهڻ “ لاءِ تيار آهي . اهو بيان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان چين جي مصنوعات تي وڌيڪ 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي اعلان بعد سامهون آيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي واپار واري وزارت جي هڪ ترجمان چيو آهي ته چين جو موقف واپاري جنگ …

بيجنگ- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) چين اعلان ڪيو آهي ته هو آمريڪا سان واپاري جنگ ۾ ” آخري حد تائين وڙهڻ “ لاءِ تيار آهي . اهو بيان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان چين جي مصنوعات تي وڌيڪ 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي اعلان بعد سامهون آيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي واپار واري وزارت جي هڪ ترجمان چيو آهي ته چين جو موقف واپاري جنگ جي معاملي تي بلڪل واضع آهي، جيڪڏهن آمريڪا وڙهڻ چاهي ٿو ته اسان آخري حد تائين وڙهنداسين، ۽ جيڪڏهن ڳالهيون چاهي ٿو ته اسان جا دروازا هميشه کليل آهن. اهو سخت بيان ان وقت سامهون آيو جڏهن ٽرمپ هفتي جي آخر ۾ چين جي سمورين مصنوعات تي اضافي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن سان دنيا جي ٻن وڏين معيشتن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي وئي آهي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اهي قدم چين طرفان گذريل هفتي ناياب ڌاتن جي شعبي ۾ وسيع روانگي واپاري پابندين جي جواب ۾ کنيا ويا آهن . ناياب ڌاتن جي عالمي مارڪيٽ تي هن وقت چين جو وڌيڪ ڪنٽرول سمجهيو وڃي ٿو. آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته پهرين نومبر کان آمريڪا هر قسم جي ” اهم سافٽ ويئر “ جي روانگي واپار تي به ڪنٽرول لاڳو ڪندو. چين جي ترجمان واضع ڪيو ته ناياب ڌاتن ۽ لاڳاپيل شين تي ايڪسپورٽ ڪنٽرول جو قدم چين جي حڪومت جو قانوني ۽ آئيني حق آهي، جيڪو قومي سلامتي ۽ عالمي سلامتي جي تحفظ لاءِ کنيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته چين هڪ ذميوار عالمي طاقت طور نه رڳو قومي سلامتي پر عالمي اجتماعي سلامتي جي تحفظ لاءِ به پر عزم آهي.