شرم الشيخ - 13 - آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ ۾ غزه ۾ جنگبندي جي لاءِ شرم الشيخ امن سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. وزيراعظم ۽ آمريڪي صدر گرمجوشي سان هٿ ملايو ۽ خوشگوار ماحول ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سربراهه اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن سان جدا جدا ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز …
وزيراعظم شهباز شريف ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ ۾ ملاقات
شرم الشيخ – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ ۾ غزه ۾ جنگبندي جي لاءِ شرم الشيخ امن سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. وزيراعظم ۽ آمريڪي صدر گرمجوشي سان هٿ ملايو ۽ خوشگوار ماحول ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سربراهه اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن سان جدا جدا ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملاقات جي لاءِ آيو ته آمريڪي صدر ساڻس گرمجوشي سان هٿ ملايو جنهن کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن ۾ خوشگوار ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. بعد ۾ سربراهه اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن جو گروپ فوٽو پڻ ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ عالمي اڳواڻن سان گڏ موجود هو.








