وزيراعظم شهباز شريف جون شرم الشيخ ۾ امن سربراهه اجلاس جي موقعي تي مختلف عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون

شرم الشيخ - 13 - آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شرم الشيخ ۾ امن سربراهه اجلاس جي موقعي تي مختلف عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ۽ خطي ۾ امن جي لاءِ قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف ملاقات ۾ غزه ۾ جنگبندي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. …

شرم الشيخ – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شرم الشيخ ۾ امن سربراهه اجلاس جي موقعي تي مختلف عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ۽ خطي ۾ امن جي لاءِ قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف ملاقات ۾ غزه ۾ جنگبندي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي آرمينيا جو وزيراعظم نڪول پاشنيان پڻ ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ شريڪ ٿيو. وزيراعظم جي اردن جي فرمانروا شاهه عبدالله ٻه، بحرين جي شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان پڻ ملاقات ٿي. ان کانسواءِ وزيراعظم جي انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو، جرمن چانسلر فريڊرڪ مرز، اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز، اٽلي جي وزيراعظم جيورجيا ميلوني ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان پڻ ملاقات ٿي. هن ملاقاتن ۾ خطي ۾ امن جي لاءِ قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم فلسطين جي عوام سان پاڪستان پاران يڪجهتي ۽ انهن جي سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو.