اسلام آباد -05 آڪٽوبر (اي پي پي) صمود فلوٽيلا تي سوار پاڪستاني شهرين جي سلامتي ۽ جلد کان جلد واپسي لاءِ پاڪستان پنهنجي عالمي شراڪتدارن سان رابطي ۾ آهي. گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب هڪ دوست يورپي ملڪ جي سفارتي ذريعن وسيلي اها تصديق ٿي آهي، ته اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد اسرائيلي قابض فورسز جي تحويل ۾ آهي ۽ هو محفوظ ۽ خيريت سان آهي. وڌيڪ …
صمود فلوٽيلا تي سوار پاڪستاني شهرين جي سلامتي ۽ جلد کان جلد واپسي لاءِ پاڪستان پنهنجي عالمي شراڪتدارن سان رابطي ۾ آهي: پرڏيهي آفيس جو ترجمان

مزید خبریں
اسلام آباد -05 آڪٽوبر (اي پي پي) صمود فلوٽيلا تي سوار پاڪستاني شهرين جي سلامتي ۽ جلد کان جلد واپسي لاءِ پاڪستان پنهنجي عالمي شراڪتدارن سان رابطي ۾ آهي. گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب هڪ دوست يورپي ملڪ جي سفارتي ذريعن وسيلي اها تصديق ٿي آهي، ته اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد اسرائيلي قابض فورسز جي تحويل ۾ آهي ۽ هو محفوظ ۽ خيريت سان آهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي، ته مقامي قانوني گهرجن موجب سينيٽر مشتاق کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ ڊيپورٽيشن آرڊر جاري ٿيڻ کان پوءِ سندن واپسي فوري بنيادن تي عمل ۾ آندي ويندي. پرڏيهي وزارت ان کان اڳ انهن پاڪستاني شهرين جي حفاظت سان واپسي ۾ به سهڪار ڪيو هو جيڪي اڳ ئي فلوٽيلا مان لهي چڪا هئا. ان سلسلي ۾ پاڪستان انهن برادر ملڪن جو ٿورائتو آهي جن شهرين جي واپسي ۾ مدد فراهم ڪئي. پاڪستان حڪومت پرڏيهه ۾ پنهنجن سمورن شهرين جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي ۽ اميد آهي ته وطن واپسي جو اهو عمل ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ٿي ويندو.











