اسلام آباد -05 آڪٽوبر (اي پي پي) بلوچستان جو بهادر عوام فتنه الهندوستان آڏو شيهي جي ديوار بڻجي ويو آهي. فتنه الهندوستان جي دهشتگردن بلوچستان جي علائقي ڪورڪي ۾ پرامن ماڻهن تي حملو ڪيو، ڪورڪي ۾ مقامي قبائلين ۽ فتنه الهندوستان وچ ۾ ويڙهه ۾ 4 دهشتگرد مارجي ۽ 2 زخمي ٿي پيا. ذريعن موجب مقامي قبائلين جي چوڻ باوجود دهشتگردن علائقو خالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ڪلي آدم زئي …
بلوچستان جي علائقي ڪورڪي ۾ مقامي قبائلين ۽ فتنه الهندوستان وچ ۾ ويڙهه، 4 دهشتگرد مارجي ويا، 2 زخمي

مزید خبریں
اسلام آباد -05 آڪٽوبر (اي پي پي) بلوچستان جو بهادر عوام فتنه الهندوستان آڏو شيهي جي ديوار بڻجي ويو آهي. فتنه الهندوستان جي دهشتگردن بلوچستان جي علائقي ڪورڪي ۾ پرامن ماڻهن تي حملو ڪيو، ڪورڪي ۾ مقامي قبائلين ۽ فتنه الهندوستان وچ ۾ ويڙهه ۾ 4 دهشتگرد مارجي ۽ 2 زخمي ٿي پيا. ذريعن موجب مقامي قبائلين جي چوڻ باوجود دهشتگردن علائقو خالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ڪلي آدم زئي ڪورڪي جي عورتن قرآن پاڪ جا واسطا ڏئي دهشتگردن کي وڃڻ جو چيو، دهشتگردن ڪورڪي ۾ مقامي عورتن کي مسلسل هراسان ڪيو، دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي نظر ۾ رکندي مقامي قبائلين پنهنجي دفاع جو فيصلو ڪيو، دهشتگردن سان ويڙهه دوران مقامي قبيلي جو هڪ شخص شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا. ذريعن مطابق ڪورڪي جي مقابلي قبائلين عهد ڪيو آهي، ته هو پنهنجي پرامن علائقي کي دهشتگرد سرگرمين ۾ استعمال نه ٿيڻ ڏيندا. بلوچسان جي بهادر عوام تي فتنه الهندوستان جو اصل چهرو ظاهر ٿي چڪو آهي، عورتن کي هراسان ڪرڻ وارن واقعن مان واضح آهي ته فتنه الهندوستان جو اسلام ۽ بلوچ روايتن سان ڪو به تعلق ناهي.











