اسلام آباد -05 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان سميت سڄي دنيا جي استادن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته استاد ئي حقيقي معنيٰ ۾ قوم جا معمار آهن، جيڪي علم، قدرن ۽ اميد جا علمبردار هوندا آهن. استادن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته استاد رڳو پڙهائڻ وارا نه پر رهنما، سرپرست …
استاد حقيقي معنيٰ ۾ قوم جا معمار آهن: بلاول ڀٽو زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد -05 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان سميت سڄي دنيا جي استادن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته استاد ئي حقيقي معنيٰ ۾ قوم جا معمار آهن، جيڪي علم، قدرن ۽ اميد جا علمبردار هوندا آهن. استادن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته استاد رڳو پڙهائڻ وارا نه پر رهنما، سرپرست ۽ اسان جي اجتماعي مستقبل جا خاموش معمار آهن. هن چيو ته مان سمورن استادن جي محنت، صبر ۽ بي لوث خدمت کي سلام پيش ڪيان ٿو، پيپلز پارٽي سڄي ملڪ جي استادن سان گڏ بيٺل آهن، جن کان سواءِ هڪ روشن پاڪستان جو تصور ممڪن ناهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جو اهو ڪامل يقين آهي، ته تعليم، جهالت ۽ عدم مساوات خلاف سڀ کان اثرائتو هٿيار آهي، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي جديد تعليمي نظام جو بنياد رکيو، شهيد بينظير ڀٽو قائد عوام جي ويزن کي اڳتي وڌايو، بي بي شهيد نياڻين ۽ محروم طبقن لاءِ تعليم تائين پهچ کي خاص طور تي وسيع ڪيو. هن چيو ته جڏهن به پيپلز پارٽي جي حڪومتي ٺهي ته رڪارڊ گواه آهي ته اسان سڀني کان وڌيڪ اسڪول قائم ڪيا، پيپلز پارٽي جي حڪومتن سڀ کان وڌيڪ يونيورسٽيون قائم ڪيون ۽ تعليم جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪئي، اهو اسان جو يقين آهي ته ملڪ جي اصل ۽ پائيدار ترقي جو بنياد ڪلاس روم مان پوي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهي ڪلاس روم ئي آهن جتي مضبوط تعليمي نظام، بااختيار استاد ۽ تعليم يافته نوجوان مستقبل جو رستو روشن ڪن ٿا. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن اهو تجديد عهد ڪيون ٿا ته اسان تعليمي نظام کي مضبوط بڻائينداسين ته جيئن هر ٻار اهل، باعزت ۽ بهترين استادن کان تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو حاصل ڪري.











