وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس

اسلام آباد-05 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ سي ڊي اي هيڊ ڪوارٽر ۾ اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس جي ۾ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ گهرو سيڪريٽري محمد خرم آغا شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي وزيراعظم جي هدايت تي ايس سي او ڪانفرنس 2027ع کان اڳ نئين …

اسلام آباد-05 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ سي ڊي اي هيڊ ڪوارٽر ۾ اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس جي ۾ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ گهرو سيڪريٽري محمد خرم آغا شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي وزيراعظم جي هدايت تي ايس سي او ڪانفرنس 2027ع کان اڳ نئين ڪنوينشن سينٽر جي تعمير تي مشاورت ڪئي وئي. اجلاس ۾ جناح ڪنوينشن سان گڏ ٻيو وڏو ڪنوينشن هال تعمير ڪرڻ جو اصولي فيصلو به ڪيو ويو. گهرو زير محسن نقوي ٻڌايو ته نئون منصوبو ڪيترين ئي وڏين ڪانفرنسز ۽ ميٽنگز سميت وسيع ڪنوينشن هال تي ٻڌل هئڻ گهرجي، نئين ڪنوينشن هال کي عالمي معيار ۽ جديد دور جي تقاضائن مطابق تيار ڪيو وڃي. منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان پاڪستان ۾ وڏين عالمي ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. گهرو وزير منصوبي جي ڊيزائن لاءِ عالمي ۽ مقامي بهترين آرڪيٽيڪٽس جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ اسلام آباد ايڪسپريس وي جي ڪمرشلائزيشن جو جامع پلان طلب ڪيو، اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ نون پوليس ٿاڻن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، گهرو وزير 6 ٿاڻن جو تعميراتي ڪم 45 ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو. ان موقعي تي سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا، گهرو وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وڌيڪ 10 ٿاڻن جي عمارت جي تعمير لاءِ ٽينڊر جاري ڪيو ويو آهي، پارليامنٽ لاجز جي نئين بلاڪ جي تعمير جو ڪم مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.