اسلام آباد-05 آڪٽوبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 80 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 80 هزار 400 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 11 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 11 هزار 100 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 52 هزار 800 ڪيوسڪ …
درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جي صورتحال جا انگ اکر

مزید خبریں
اسلام آباد-05 آڪٽوبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 80 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 80 هزار 400 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 11 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 11 هزار 100 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 52 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 52 هزار 800 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 11 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 9 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 22 هزار 100 ڪيوسڪ۽ هيٺانهون وهڪرو 9 هزار 700 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 10 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 95 هزار 400 هزار ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 2 هزار 400 ۽ هيٺانهون وهڪرو 57 هزار 400 ڪيوسڪ، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 93 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 79 هزار 600 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1550.00 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.728 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1241.10 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 7.203 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 649.00 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.311 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.











