اسلام آباد-04 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان ڪيل منصوبي تي حماس جي رد عمل جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته اهو فوري جنگ بندي کي يقيني بڻائڻ، غزه ۾ بيگناهه فلسطينين جي رتوڇاڻ کي ختم ڪرڻ، يرغمالين ۽ فلسطيني قيدين جي آزادي، بنا رڪاوٽ انساني امداد کي يقيني بڻائڻ ۽ امن طرف اعتماد جوڳي …
پاڪستان پاران صدر ٽرمپ جي اعلان ڪيل منصوبي تي حماس جي ردعمل جي آجيان

مزید خبریں
اسلام آباد-04 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان ڪيل منصوبي تي حماس جي رد عمل جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته اهو فوري جنگ بندي کي يقيني بڻائڻ، غزه ۾ بيگناهه فلسطينين جي رتوڇاڻ کي ختم ڪرڻ، يرغمالين ۽ فلسطيني قيدين جي آزادي، بنا رڪاوٽ انساني امداد کي يقيني بڻائڻ ۽ امن طرف اعتماد جوڳي سياسي عمل جي راهه هموار ڪرڻ جو اهم موقعو فراهم ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته اسرائيل فوري طور حملا بند ڪري. ترجمان چيو ته پاڪستان غزه ۾ امن لاءِ صدر ٽرمپ جي ڪوششن جي تعريف ڪري ٿو ۽ اميد ڪري ٿو ته ان جي نتيجي ۾ پائيدار جنگ بندي ۽ هڪ منصفاڻو، جامع ۽ پائيدار امن قائم ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ان عمل ۾ تعميري ۽ بامعنيٰ تعاون جاري رکندو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان فلسطين مسئلي لاءِ پنهنجي اصولي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو، پاڪستان فلسطيني عوام سان گڏ سندن ڪڏهن به ختم نه ٿيندڙ خوداراديت واري حق لاءِ سندن منصفاڻي جدوجهد ۾ مڪمل يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي، جنهن تحت عالمي قانوني جواز ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل ٺهرائن موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ خودمختيار، عمل جوڳي فلسطيني رياست جو قيام عمل ۾ آندو ويندو جنهن جو گادي وارو هنڌ القدس الشريف هوندو.











