اينٽي نارڪوٽڪس فورس پاران ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪارروائيون، عورت ۽ افغان شهري سميت 7 جوابدار گرفتار

اسلام آباد -04 آڪٽوبر (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪارروائين دوران 41 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي 49.283  ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري عورت ۽ افغان شهري سميت 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ترجمان موجب اسلام آباد ايئرپورٽ تي مسقط (اومان) ويندڙ جوابدار جي پيٽ مان 683 گرام وزني 90 آئيس ڀريل ڪيپسول هٿ ڪيا ويا. اسلام …

اسلام آباد -04 آڪٽوبر (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪارروائين دوران 41 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي 49.283  ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري عورت ۽ افغان شهري سميت 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ترجمان موجب اسلام آباد ايئرپورٽ تي مسقط (اومان) ويندڙ جوابدار جي پيٽ مان 683 گرام وزني 90 آئيس ڀريل ڪيپسول هٿ ڪيا ويا. اسلام آباد ايئرپورٽ تي هڪ ٻي ڪارروائي دوران برطانيه ويندڙ مسافر جي سامان مان 8.5 ڪلوگرام وزني 29400 ڊيازيپام گوريون هٿ ڪيون ويون. رنگ روڊ پشاور ويجهو گاڏي مان 500 گرام آئيس هٿ ڪري افغان شهري کي گرفتار ڪيو ويو. بحريه ٽائون لاهور ويجهو گاڏي ۽ موٽر سائيڪل سوار کان 30 ڪلوگرام چرس هٿ ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. اقبال شهيد ٽول پلازه اٽڪ ويجهو ٽرڪ مان 7.2 ڪلوگرام چرس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. موٽر وي ٽول پلازه پشاور ويجهو عورت جي قبضي مان 2.4 ڪلوگرام چرس هٿ ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو. جوابدارن خلاف منشيات جي خاتمي واري ايڪٽ 1997 تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

مزید خبریں