اسلام آباد -04 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ آسيان ملڪن جي سفيرن جي اهم ملاقات واپار واري وزارت ۾ ٿي، جنهن جو مقصد ٻنهي خطن وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ آهي. جاري بيان موجب اي ايس آءِ ايف سي جي سهڪار سان پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي موقعن ۾ اضافو ٿيو آهي، پاڪستان ۽ آسيان ملڪن وچ ۾ ٻه طرفه واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ تي …
پاڪستان ۽ آسيان ملڪن جي سفيرن وچ ۾ ملاقات، ٻنهي خطن وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپاڪري لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ تي ڳالهيون

مزید خبریں
اسلام آباد -04 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ آسيان ملڪن جي سفيرن جي اهم ملاقات واپار واري وزارت ۾ ٿي، جنهن جو مقصد ٻنهي خطن وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ آهي. جاري بيان موجب اي ايس آءِ ايف سي جي سهڪار سان پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي موقعن ۾ اضافو ٿيو آهي، پاڪستان ۽ آسيان ملڪن وچ ۾ ٻه طرفه واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ايس آءِ ايف سي جي مدد سان پاڪستان نئين واپاري پاليسي ۽ ٽيرف سڌارا پيش ڪيا. آسيان ڪمپنين کي پاڪستان طرفان سي پيڪ اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني وئي. واپار واري وزير ڄام ڪمال خان موجب ٽيڪنالاجي ٽرانسفر ۽ زرعي ويليو ايڊيشن سان پاڪستان ۾ نون واپاري موقعن جو امڪان موجود آهن. پاڪستان وچ ايشيا جو گيٽ وي بڻجي آسيان کي نوان واپاري موقعا فراهم ڪندو. ملائيشيا جي سفير پاڪستاني ڪمپنين کي سيمي ڪنڊڪٽر صنعت ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. ايس آءِ ايف سي جي ڪوششن سان پاڪستان ۾ وسيع سيڙپڪاري ۽ واپار کي هٿي حاصل ٿيندي.











