اسلام آباد _ 03 - آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 23 کان 24 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ علائقائي ٽرانسپورٽ جي وزيرن جي ڪانفرنس بابت سفيرن ۽ عالمي تنظيمن جي نمائندن سان گڏ بريفنگ سيشن جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم اقتصادي ترقي کي اڳتي وڌائڻ، واپار ۾ اضافي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد _ 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 23 کان 24 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ علائقائي ٽرانسپورٽ جي وزيرن جي ڪانفرنس بابت سفيرن ۽ عالمي تنظيمن جي نمائندن سان گڏ بريفنگ سيشن جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم اقتصادي ترقي کي اڳتي وڌائڻ، واپار ۾ اضافي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ علائقائي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. هن علائقائي ملڪن جي ڀرپور شرڪت جي اميد جو اظهار ڪندي چيو ته خطو گڏيل انفراسٽرڪچر جي ذريعي تعاون ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي بي پناهه صلاحيت رکي ٿو. اجلاس ۾ مواصلا واري وفاقي وزير، علائقائي ملڪن جي سفيرن ۽ عالمي تنظيمن جي نمائندن کانسواءِ پرڏيهي وزارت ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.











