اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ استادن جو عالمي ڏينهن 5 آڪٽوبر تي ملهايو ويندو. اهو ڏينهن 1994ع کان هر سال 5 آڪٽوبر تي ملهايو ويندو آهي جنهن جو مقصد تعليم جي شعبي ۾ استادن جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي. يونيسڪو ۽ انٽرنيشنل ليبر آرگنائزيشن ان ڏينهن جو بنياد رکيو. ان مناسبت سان ملڪ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ خاص …
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ استادن جو عالمي ڏينهن 5 آڪٽوبر تي ملهايو ويندو

مزید خبریں
اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ استادن جو عالمي ڏينهن 5 آڪٽوبر تي ملهايو ويندو. اهو ڏينهن 1994ع کان هر سال 5 آڪٽوبر تي ملهايو ويندو آهي جنهن جو مقصد تعليم جي شعبي ۾ استادن جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي. يونيسڪو ۽ انٽرنيشنل ليبر آرگنائزيشن ان ڏينهن جو بنياد رکيو. ان مناسبت سان ملڪ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ خاص تقريبن جو اهتمام ڪيو ويندو. تقريبن دوران اعليٰ آفيسر استادن جي عظمت جي اعتراف ۾ سندن خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندا، استاد ئي قومن جي ترقي ۽ کين اڳتي کڻي وڃڻ ۾ سڀني کان اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.











