نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران قومي اسيمبلي کي خطاب

اسلام آباد _ 03 - آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قومي اسيمبلي کي خطاب ڪندي ميمبرن کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس دوران پاڪستان جي فعال مصروفيتن بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي فلسطين، ڄمون ۽ ڪشمير، ڪلائميٽ جسٽس، عالمي مالياتي نظام ۾ سڌارن ۽ پائيدار …

اسلام آباد _ 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قومي اسيمبلي کي خطاب ڪندي ميمبرن کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس دوران پاڪستان جي فعال مصروفيتن بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي فلسطين، ڄمون ۽ ڪشمير، ڪلائميٽ جسٽس، عالمي مالياتي نظام ۾ سڌارن ۽ پائيدار ترقي جي فوري ضرورت بابت اثرانگيز بيان جو ذڪر ڪيو. نائب وزيراعظم پاڪستان جي وسيع سفارتي پهچ، اعليٰ سطح جي تقريبن ۾ شرڪت ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٻطرفي ملاقاتن، امن جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ جي تعميري ڪردار ۽ فلسطيني ۽ ڪشميري عوام جي حقن جي اصولي وڪالت جو پڻ پنهنجي خطاب ۾ خاص طور تي ذڪر ڪيو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ مشاورت کانپوءِ 7 ڀائر عرب اسلامي ملڪن سان پاڪستان پاران جاري گڏيل بيان جي تفصيلن بابت پڻ ايوان کي آگاهي ڏني. بيان ۾ غزه کي معقول انساني امداد جي بنا رڪاوٽ پهچ، فلسطينين جي بي دخلي نه ٿئي، مڪمل اسرائيلي انخلا، غزه جي نئين سر تعمير ۽ ٻه رياستي حل جي بنياد تي منصفاڻي امن جي لاءِ هڪ قابل اعتبار رستو ٺاهڻ تي زور ڏنو ويو جنهن تحت غزه مڪمل طور تي اولهندي ڪناري سان ٺوس رهندو. هن پاڪستان جي ان مستقل ۽ اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو ته ٻه رياستي حل ئي هڪ منصفاڻي ۽ پائيدار امن جو واحد عمل جوڳو رستو آهي جنهن ۾ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ لڳولڳ، آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جو قيام آهي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسرائيلي قابض فوج پاران گلوبل صمود فلوٽيلا کي غيرقانوني طور تي روڪڻ جي مذمت ڪندي ان کي عالمي سامونڊي قانون ۽ انساني اصولن جي کليل خلاف ورزي قرار ڏنو. هن ايوان کي يقين ڏياريو ته پاڪستان فلوٽيلا ۾ موجود پنهنجي شهرين جي حفاظت ۽ انهن جي محفوظ واپسي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سرگرمي سان سفارتي ڪوششن تي عمل پيرا آهي. هن ايوان کي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان وائيٽ هائوس ۾ ٿيندڙ ملاقات بابت پڻ آگاهه ڪيو جنهن ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. هن خوشگوار ڳالهه ٻولهه، پاڪستان جي دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن جي واکاڻ، مئي ۾ پاڪ ڀارت جنگبندي جي لاءِ سهولتڪاري ۾ صدر ٽرمپ جي ڪردار ۽ زراعت، آءِ ٽي، مائنز ۽ منرلز سميت توانائي ۾ آمريڪي سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي واپار کي وڌائڻ جي معاهدي جو پڻ ذڪر ڪيو.

مزید خبریں