ابوظهبي-03 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ ريلوي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني گڏيل عرب امارات جي توانائي واري وزير سهيل محمد المزروعي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ ريل جي نظآم کي جديد بڻائڻ لاءِ ٻه طرفي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ريلوي واري وزارت مان جاري بيان موجب ابوظهبي ۾ گلوبل ريل اينڊ انفراسٽرڪچر ڪانفرنس اينڊ ايگزيبيشن منعقد …
ناڻي ۽ ريلوي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني جي گڏيل عرب امارات جي توانائي واري وزير سان ملاقات

مزید خبریں
ابوظهبي-03 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ ريلوي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني گڏيل عرب امارات جي توانائي واري وزير سهيل محمد المزروعي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ ريل جي نظآم کي جديد بڻائڻ لاءِ ٻه طرفي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ريلوي واري وزارت مان جاري بيان موجب ابوظهبي ۾ گلوبل ريل اينڊ انفراسٽرڪچر ڪانفرنس اينڊ ايگزيبيشن منعقد ڪرڻ جي موقعي تي مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني يو اي اي حڪومت جي ٻين شخصيتن سان پڻ اهم ملاقاتون ڪيون. بلال اظهر ڪياني عالمي نمائش دوران يو اي اي حڪومت طرفان شاندار استقبال تي يو اي اي جي وزير سهيل محمد المزروعي جو ٿورو ادا ڪيو. هن گلوبل ريل ڪانفرنس ۽ نمائش جي منعقد ڪرڻ کي هڪٻئي جي تجربن مان سکڻ ۽ گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جو بهترين پليٽ فارم قرار ڏنو. بلال اظهر ڪياني يو اي اي جي مستقبل جي گهرجن سان هم آهنگ انفراسٽرڪچر خاص طور تي اتحاد ريل پروجيڪٽ جي تعريف ڪندي ساراهيو. ٻنهي وزيرن پاڪستان ۾ ريل انفراسٽرڪچر کي بهتر بنائڻ لاءِ يو اي اي ۽ پاڪستان وچ ۾ سهڪار وڌائڻ جي امڪانن تي پڻ ڳالهيون ڪيون.











