اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڊينگي جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا، عوامي آگاهيءَ سان گڏوگڏ عملي قدمن کي پڻ يقيني بڻايو ويندو. اهڙو اظهار هن ڊينگي جي موجودگي صورتحال تي رٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڊينگي جي روٿام لاءِ مربوط حڪمت عملي جوڙي آهي، ڊينگي وائرس کي مُنهن ڏيڻ لاءِ …
ڊينگي جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا: وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڊينگي جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا، عوامي آگاهيءَ سان گڏوگڏ عملي قدمن کي پڻ يقيني بڻايو ويندو. اهڙو اظهار هن ڊينگي جي موجودگي صورتحال تي رٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڊينگي جي روٿام لاءِ مربوط حڪمت عملي جوڙي آهي، ڊينگي وائرس کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اثرائتا قدم جاري آهن. ڊينگي جي خاتمي لاءِ سمورا ادارا گڏجي ڪم ڪن ته جيئن شهرين کي محفوظ رکي سگهجي. هن چيو ته سمورين اسپتالن ۾ بخار جي مريضن لاءِ الڳ ڪائونٽرز قائم ڪيا وڃن ته جيئن ڊينگي جي شڪي مريضن کي فوري سُڃاڻپ ۽ علاج ممڪن بڻائي سگهجي. هن چيو ته ٽيمن جي ٽنهي ايم اين ايز تحت ذميداريون ورهايون وڃن ته جيئن فيلڊ ورڪ ۾ بهتر ڪوآرڊينيشن ۽ـ اثرائتي ڪارروائي کي يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر خرم شهزاد نواز ۽ انجم عقيل خان سميت صحت واري وفاقي سيڪريٽري، ڊي جي هيلٿ ۽ اسپتالن جا سربراهه پڻ شريڪ هئا.











