اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) جي نئين چونڊيل ايگزيڪيوٽو باڊيءَ جي عهديدارن صدر ايم بي سومرو، نائب صدر محمد عثمان خان ڪاڪڙ، سيڪريٽري نويد اڪبر، جوائنٽ سيڪريٽري اورنگزيب ڪاڪڙ، فنانس سيڪريٽري شاڪر عباسي، اطلاعات سيڪريٽري جاويد حسين ۽ گورننگ باڊيءَ جي عهديدارن کي مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل باڊيءَ جي عهديدارن کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) جي نئين چونڊيل ايگزيڪيوٽو باڊيءَ جي عهديدارن صدر ايم بي سومرو، نائب صدر محمد عثمان خان ڪاڪڙ، سيڪريٽري نويد اڪبر، جوائنٽ سيڪريٽري اورنگزيب ڪاڪڙ، فنانس سيڪريٽري شاڪر عباسي، اطلاعات سيڪريٽري جاويد حسين ۽ گورننگ باڊيءَ جي عهديدارن کي مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن جمهوري روايتن موجب پي آر اي جي چونڊن کي سٺي نموني منعقد ڪرڻ کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو. پي آر اي جي نَون چونڊيل عهديدارن جي ڪاميابي سندن پارلياماني رپورٽرز جي اعتماد جو مظهر آهي. اميد آهي ته پي آر اي جي نئين چونڊيل باڊي پارلياماني صحافين جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. پريس گيلري پارليامينٽ جو اهم جُز آهي. پارلياماني رپورٽرز عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ايوان ۾ عوامي اهميت رکندڙ قانونسازيءَ کي عوام تائين پهچائڻ ۾ پارلياماني رپورٽرز جو مُک ڪردار آهي. اسپيڪر پي آر اي جي نئين چونڊيل باڊي کي قومي سيڪريٽريٽ طرفان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي.











