وقتي صدر سان برطانيا جي هائوس آف لارڊز جي ميمبر لارڊ شفق محمد آف ٽنسلي، يورپين پارليامينٽ جي اڳوڻي ميمبر بئريسٽر تنوير حسين ۽ چوڌري محبوب حسين جي ملاقات

اسلام آباد _ 03 - آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان برطانيا جي هائوس آف لارڊز جي ميمبر لارڊ شفق محمد آف ٽنسلي، يورپين پارليامينٽ جي اڳوڻي ميمبر بئريسٽر تنوير حسين ۽ چوڌري محبوب حسين ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران برطانيا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سان لاڳاپيل معاملن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ۽ …

اسلام آباد _ 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان برطانيا جي هائوس آف لارڊز جي ميمبر لارڊ شفق محمد آف ٽنسلي، يورپين پارليامينٽ جي اڳوڻي ميمبر بئريسٽر تنوير حسين ۽ چوڌري محبوب حسين ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران برطانيا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سان لاڳاپيل معاملن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ۽ بحالي جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. لارڊ شفق محمد وقتي صدر کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ته هن هائوس آف لارڊز ۾ ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي معطلي جو معاملو اٿاريو آهي. وقتي صدر قومي ڳڻتي جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ وفد جي ڪوششن ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني ڪميونٽي جي لاءِ ان جي مسلسل حمايت کي ساراهيو.

مزید خبریں