اسلام آباد _ 03 - آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بين الحڪومتي واپاري ڏيتي ليتي بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي سرڪاري ادارن جي نجڪاري بابت جاري قدمن جو جائزو ورتو. ڳالهه ٻولهه ۾ گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويو ته جيئن ڪارڪردگي کي وڌائڻ جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ بين الحڪومتي واپاري ڏيتي ليتي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد _ 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بين الحڪومتي واپاري ڏيتي ليتي بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي سرڪاري ادارن جي نجڪاري بابت جاري قدمن جو جائزو ورتو. ڳالهه ٻولهه ۾ گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويو ته جيئن ڪارڪردگي کي وڌائڻ جي لاءِ اثاثن جي آساني سان منتقلي کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ وسيع تر اقتصادي سڌارن موجب نجي شعبي جي حصيدار جي ڪردار کي مضبوط ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير، نجڪاري واري صلاحڪار، وزيراعظم جي خاص معاون ايم طارق باجوه، ريلوي واري مملڪتي وزير، ڪابينا، نجڪاري ۽ قانون وارن وفاقي سيڪريٽرين کانسواءِ لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.











