اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي ضلعي شيراني ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيندي چيو آهي ته فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري دشمن جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا. پنهنجي بيان ۾ محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 07 دهشتگرد مارجي ويا آهن جنهن تي پوري قوم سندن …
وفاقي گهرو وزير پاران بلوچستان ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي ضلعي شيراني ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيندي چيو آهي ته فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري دشمن جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا. پنهنجي بيان ۾ محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 07 دهشتگرد مارجي ويا آهن جنهن تي پوري قوم سندن بهادري ۽ قرباني کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته بلوچستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون ڪاميابيون قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا ۽ قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته بهادر جوانن جون اهي قربانيون ملڪ کي امن ۽ استحڪام جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿينديون.











