پاڪستان پنهنجي شهرين جي تحفظ ۽ انهن جي جلد ۽ محفوظ واپسي لاءِ اتحادي ملڪن سان مسلسل رابطي ۾ آهي: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد _ 02 - آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان اسرائيل پاران عالمي صمود فلوٽيلا کي روڪڻ جي  شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي شهرين جي تحفظ ۽ انهن جي جلد ۽ محفوظ واپسي جي لاءِ اتحادي ملڪن سان مسلسل رابطي ۾ آهي، پنهنجي شهرين جي حفاظت جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته پاڪستان اسرائيل پاران عالمي صمود فلوٽيلا …

اسلام آباد _ 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان اسرائيل پاران عالمي صمود فلوٽيلا کي روڪڻ جي  شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي شهرين جي تحفظ ۽ انهن جي جلد ۽ محفوظ واپسي جي لاءِ اتحادي ملڪن سان مسلسل رابطي ۾ آهي، پنهنجي شهرين جي حفاظت جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته پاڪستان اسرائيل پاران عالمي صمود فلوٽيلا کي روڪڻ جي شديد مذمت ڪري ٿو اهو فلوٽيلا انساني همدرديءَ جي اهم مشن تي هو ۽ اهو عالمي يڪجهتي ۽ اخلاقي عزم جي علامت آهي. اسرائيلي قدم عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان ٻين 15 ملڪن سان گڏجي 16 سيپٽمبر تي هڪ گڏيل بيان جاري ڪيو جنهن ۾ فلوٽيلا جي سلامتي ۽ ان تي سوار ماڻهن جي حفاظت جي حوالي سان گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته فلوٽيلا تي موجود پاڪستاني شهرين جي سلامتي ۽ ڀلائي پاڪستان حڪومت جي لاءِ اولين ترجيح آهي جيئن ته پاڪستان اسرائيل کي تسليم نه ٿو ڪري، ان جي لاءِ اسان خطي ۾ پنهنجي عالمي حصيدارن سان ويجهي رابطي ۾ آهيون ته جيئن پاڪستاني شهرين جي فوري آزادي ۽ انهن جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. ترجمان چيو ته پاڪستان پنهنجي شهرين جي تحفظ ۽ انهن جي جلد ۽ محفوظ واپسي جي لاءِ اتحادي ملڪن سان مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ته هو پنهنجي شهرين جي حفاظت جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو.

مزید خبریں