بچاءَ واري وفاقي وزير پاران آزاد ڪشمير جي عوام کي پُرامن رهڻ جي اپيل

اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف آزاد ڪشمير جي عوام کي پُرامن رهڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ڪشميري عوام کي پنهنجي آزاديءَ جي جدوجهد جي لازوال قربانين کي سامهون رکڻ گهرجي. وفاقي وزير پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي جاري پيغام ۾ چيو ته آزاد ڪشيمر ۾ احتجاج ڪندڙ ان حقيقت تي غور ڪن ته والاريل ڪشمير جي ٽن نسلن کان پنهنجي آزاديءَ لاءِ …

اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف آزاد ڪشمير جي عوام کي پُرامن رهڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ڪشميري عوام کي پنهنجي آزاديءَ جي جدوجهد جي لازوال قربانين کي سامهون رکڻ گهرجي. وفاقي وزير پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي جاري پيغام ۾ چيو ته آزاد ڪشيمر ۾ احتجاج ڪندڙ ان حقيقت تي غور ڪن ته والاريل ڪشمير جي ٽن نسلن کان پنهنجي آزاديءَ لاءِ قربانيون ڏئي رهيا آهن. خواجه آصف چيو ته ڪشميري عوام پنهنجي آزاديءَ جي تاريخ رت سان لکي رهيا آهن، هڪ نسل جيلن ۾ جواني گذاري پوڙهائپ ۾ قدم رکيو، هزارين ڪشميرين کي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو.هن چيو ته ڪشمير جي جنگين ۾ شهيد ٿيل فوجين ۾ پنجابي، پٺاڻ، بلوچي، سنڌي، گلگتي ۽ بلتي سڀ شامل آهن. پاڪستان هميشه ڪشمير جي آزاديءَ لاءِ پنهنجو وجود داءُ تي لڳايو ۽ آئينده به لڳائيندو ڇاڪاڻ ته اهو اسان جي ايمان جو حصو آهي. وفاقي وزير چيو ته سندس تڪ سيالڪوٽ ۾ ڪشميري مهاجرين جو وڏو انگ آباد آهي. آڪٽوبر 1947ع ۾ ڄمون کان سيالڪوٽ بارڊر ڪراس ڪندي هڪ لک ڪشميري مسلمان شهيد ٿيا، هزارين عورتن جي لڄون لُٽيون ويون ۽ هزارن کي اغوا ڪيو ويو. هن چيو ته بجوات، حاجي پوره ۽ پڪا ڳڙهه ڪيمپ جي هر گهر ۾ اهڙا ماڻهو وسن ٿا جن پاڪستان سان محبت جي قيمت جانين سان ڏني آهي.

مزید خبریں