حڪومت معاشي ترقيءَ ۾ نجي شعبي کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۾ پُرعزم آهي، جٽادار ترقي ۽ اؤسر لاءِ پاڪستان جي عالمي چٽاڀيٽي، نجي شعبي جي فعاليت ۽ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ويجهي هم آهنگي ضروري آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب

اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت معاشي ترقيءَ ۾ نجي شعبي کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۾ پُرعزم آهي، پاڪستان هلندڙ جي پڄاڻيءَ کان اڳ پهريون پانڊا بانڊ جاري ڪندو، جٽادار ترقي ۽ اؤسر لاءِ پاڪستان جي عالمي چٽاڀيٽي، نجي شعبي جي فعاليت ۽ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ويجهي هم آهنگي ضروري …

اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت معاشي ترقيءَ ۾ نجي شعبي کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۾ پُرعزم آهي، پاڪستان هلندڙ جي پڄاڻيءَ کان اڳ پهريون پانڊا بانڊ جاري ڪندو، جٽادار ترقي ۽ اؤسر لاءِ پاڪستان جي عالمي چٽاڀيٽي، نجي شعبي جي فعاليت ۽ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ويجهي هم آهنگي ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور جي سرينا هوٽل ۾ رٿيل پاڪستان بزنس سمٽ کي پنهنجي اهم خطاب ۾ ڪيو. هي اجلاس ڪي پي ڪي جي گورنر جي سرپرستيءَ ۾ منعقد ٿيو. ان ۾ پاليسي سازن، بزنس ليڊرن ۽ ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽوز پاڪستان جي معيشت، جدت ۽ عالمي چٽاڀيٽي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هڪ ڏينهن واري اها تقريب نٽ شيل گروپ ۽ البرڪه بئنڪ (پاڪستان) لميٽيڊ گڏيل طور تي منعقد ڪئي، جڏهن ته او آءِ سي سي آءِ اسٽريٽجڪ پارٽنر طور تي شامل رهيو. وفاقي وزير اعليٰ سطح جي سمٽ ڪوٺائڻ تي ذميوارن کي ساراهيو ۽ ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان حڪومت جي معاشي ترقيءَ ۾ نجي شعبي کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۾ پُرعزم آهي. هن چيو ته حڪومت جو ڪردار ڪلي معيشت جي استحڪام کي يقيني بڻائڻ، ڍانچه جاتي سڌارا آڻڻ ۽ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار لاءِ موزون ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ آهي. ملڪ جي معاشي اڳڀرائي جو ذڪر ڪندي ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائيءَ سبب فنانسنگ جي لاڳت ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا تقريبن ٽن مهينن جي روانگي واپار لاءِ ڪافي آهن ۽ ايڪسچينج ريٽ ۾ استحڪام پيدا ٿيو آهي. انهن عملن سيڙپڪارن جي اعتماد کي مضبوط ۽ منافع ۽ ڊيويڊنڊ جي پرڏيهه مان ايندڙ ناڻي کي آسان بڻايو آهي. ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته پرڏيهه مان ايندڙ ناڻي ۾ پڻ خاطرخواه واڌ ٿي آهي جيڪا گذريل سال 38 ارب ڊالر تائين پهتي ۽ هلندڙ مالي سال ۾ 41 کان 43 ارب ڊالرن تائين پهچڻ جي اميد آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان سيپٽمبر ۾ 50 ڪروڙ ڊالر يورو بانڊ جي ادائگي بنا ڪنهن مارڪيٽ ۾ رنڊڪ وجهندي ڪاميابي سان ڪئي ۽ اپريل 2026ع ۾ 1.3 ارب ڊالرن جي ايندڙ ادائگيءَ لاءِ پڻ بهتر پوزيشن ۾ آهي. ڍانچه جاتي سڌارن جو ذڪر ڪندي سينيٽر اورنگزيب جامع ٽيڪس سڌارن کي لاڳو ڪرڻ جي حڪومتي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته ان پاليسيءَ تحت ٽيڪس پاليسي کي ٽيڪس انتظاميه کان ڌار ڪيو پيو وڃي ته جيئن سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿي سگهي. هن سرڪاري ادارن ۾ سڌارن، نجڪاري جي ڪوششن ۽ توانائيءَ جي قيمتن کي ايجنڊا جو اهم جُز قرار ڏنو. ناڻي واري وزير پاڪستان جي روانگي واپار تي ٻَڌل ترقياتي حڪمت عملي، ڪچي مال ۽ انٽرميڊيئيٽ گڊز تي ڊيوٽيز گهٽ ڪرڻ لاءِ ٽيرف سڌارن ۽ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪرڻ جي قدمن تي پڻ ڳالهه ڪئي. هن بيجنگ، رياض، واشنگٽن ۽ نيويارڪ ۾ هاڻوڪن رابطن کي سيڙپڪارن لاءِ نئين اعتماد جي علامت قرار ڏنو ۽ ٻُڌايو ته چيني ڪمپنين سان 24 گڏيل منصوبي جا معاهدا طئي ٿيا آهن. هن وڌيڪ اعلان ڪيو ته پاڪستان هلندڙ سال جي پڄاڻيءَ کان اڳ پهريون پانڊا بانڊ جاري ڪندو جنهن ذريعي چين جي وڏي ڪيپيٽل مارڪيٽن تائين پهچ حاصل ٿيندي. هن 4.3 ٽريلين رپين جي قومي ترقياتي بجيٽ جي اثرائتي استعمال تي زور ڀريو ته جيئن بنيادي ڍانچي، صحت ۽ تعليم ۾ بهتري آڻي سگهجي. ڊگهي مُدي وارن چئلينجز جو ذڪر ڪندي ناڻي واري وزير ماحولياتي تبديلي ۽ آباديءَ ۾ واڌ کي پاڪستان جو وجودي مسئلو قرار ڏنو. هن ٻارن ۾ غذائي کوٽ، سکڻ جي گهٽتائي ۽ ماحولياتي لچڪ جهڙن مسئلن کي فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ڇاڪاڻ ته سڌيءَ ريت پاڪستان جي مستقبل جي پيداواري صلاحيت ۽ قيادت تي اثرانداز ٿين. ناڻي واري وزير هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت جي عزم کي ورجايو ته پاڪستان کي جٽادار معاشي بحالي، عالمي چٽاڀيٽي ۽ لچڪ جي راهه تي گامزن ڪيو ويندو ۽ سڌارن ۽ ترقي جا ثمر عوام تائين سڌيءَ ريت پهچايا ويندا.

مزید خبریں