اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي)آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ٽيڪنالاجي ۾ ٿيندڙ وڏين تبديلين کي سيڪيورٽي انوويشن طرف موڙڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ آن لائن سروسز حڪومت ۽ شهرين وچ ۾ بنيادي رابطي جو رابطو بڻجي پئي وڃي. هوءَ رياض ۾ رٿيل گلوبل سائبر سيڪيورٽي فورم 2025ع جي سيشن کي خطاب ڪري رهي هئي جنهن جو عنوان ” …
ٽيڪنالاجي ۾ ٿيندڙ وڏين تبديلين کي سيڪيورٽي انوويشن طرف موڙڻ وقت جي اهم ضرورت آهي: شزه فاطمه خواجه

مزید خبریں
اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي)آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ٽيڪنالاجي ۾ ٿيندڙ وڏين تبديلين کي سيڪيورٽي انوويشن طرف موڙڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ آن لائن سروسز حڪومت ۽ شهرين وچ ۾ بنيادي رابطي جو رابطو بڻجي پئي وڃي. هوءَ رياض ۾ رٿيل گلوبل سائبر سيڪيورٽي فورم 2025ع جي سيشن کي خطاب ڪري رهي هئي جنهن جو عنوان ” Trust in Action: Reimagining Citizen Services in a Cyber-First World “ هو. وفاقي وزير چيو ته ڊيٽا بريچز ۽ سروس ڊسرپشن سڄي دنيا ۾ سائبر سيڪيورٽي جي وڏن چئلينجن طور سامهون اچي رهيا آهن. سيشن ۾ شهري سروسز جي سڄي لائف سائيڪل ۾ سيڪيورٽي کي ضم ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. شزه فاطمه خواجه سُڃاڻپ ۽ ويري فڪيشن جي جديد رستن تي روشني وڌي ۽ چيو ته سي اي آر ٽي انٽرلنڪچز، ريئل ٽائيم مانيٽرنگ ۽ نيشنل سي اي آر ٽي سان تيز رابطا ڪاري سائبر سيڪيورٽي کي اثرائتو بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي زيرو ٽرسٽ ماڊل، ڪوانٽم ريزيلينٽ ڪرپٽو گرافي ۽ محفوظ فيڊر ريٽڊ ڊجيٽل سُڃاڻپ جي قيام تي زور ڀريو. ان موقعي تي سعودي عرب ۽ ملائيشيا جي اعليٰ عملدارن سميت ٻين عالمي ماهرن پڻ شرڪت ڪئي.











