ڪجهه وڳوڙي ڌريون دشمن جي چوڻ تي آزاد ڪشمير جي امن کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن: محسن نقوي

اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته ڪجهه وڳوڙي ڌريون دشمن جي چوڻ تي آزاد ڪشمير جي امن کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، سندن ناپاڪ مقصد ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. هو پمز اسپتال ۾ آزاد ڪشمير احتجاج دوران زخمي ٿيل پوليس جوانن جي عيادت جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. گهرو وزير آزاد ڪشمير ۾ زخمي ٿيل اسلام آباد …

اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته ڪجهه وڳوڙي ڌريون دشمن جي چوڻ تي آزاد ڪشمير جي امن کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، سندن ناپاڪ مقصد ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. هو پمز اسپتال ۾ آزاد ڪشمير احتجاج دوران زخمي ٿيل پوليس جوانن جي عيادت جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. گهرو وزير آزاد ڪشمير ۾ زخمي ٿيل اسلام آباد پوليس ۽ آزاد ڪشمير پوليس جي اهلڪارن جي عيادت ڪئي، هو فردن فردن هر زخمي اهلڪار وٽ ويو ۽ کانئن طبيعت معلوم ڪئي. محسن نقوي اسپتال انتظاميه کي زخمي پوليس اهلڪارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. گهرو وزير زخمي پوليس اهلڪارن جي جذبن ۽ بهادريءَ کي ساراهيو ۽ چيو ته اوهان سڀ انتهائي همت، حوصلي ۽ جوانمرديءَ سان پنهنجا فرض سرانجام ڏيو، وڳوڙن باوجود اوهان تحمل  کان ڪم ورتو، اوهان پاڪستان جا بهادر پُٽ آهيو ۽ اسان سڀني کي اوهان تي ناز آهي. محسن نقوي چيف ڪمشنر، آءِ جي اسلام آباد کي آزاد ڪشمير پوليس جي جوانن جو خاص خيال رکڻ جي هدايت پڻ ڪئي.  گهرو وزير چيو ته پُرامن احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي پر قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت ڪنهن کي نه ڏني ويندي. پاڪستانين جي دل ڪشميرين سان ڌڙڪي ٿي. هن چيو ته حڪومت ڪشميري ڀائرن جي مسئلن جي حل لاءِ هر وقت تيار آهي.

مزید خبریں