ٽيڪنالاجي ذريعي دوائن جي فراهمي کي محفوظ ۽ شفاف بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي: سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي)قومي صحت بابت وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ٽيڪنالاجي ذريعي دوائن جي فراهمي کي محفوظ ۽ شفاف بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اهي قدم ڊجيٽل هيلٿ گورننس کي هٿي وٺرائڻ طرف اهم ثابت ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن جعلي دوائن جي خاتمي لاءِ 2 ڊي بار ڪوڊ جي نظام کي عملي طور لاڳو ڪرڻ جي هڪ اهم اجلاس ۾ ڪيو. …

اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي)قومي صحت بابت وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ٽيڪنالاجي ذريعي دوائن جي فراهمي کي محفوظ ۽ شفاف بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اهي قدم ڊجيٽل هيلٿ گورننس کي هٿي وٺرائڻ طرف اهم ثابت ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن جعلي دوائن جي خاتمي لاءِ 2 ڊي بار ڪوڊ جي نظام کي عملي طور لاڳو ڪرڻ جي هڪ اهم اجلاس ۾ ڪيو. هن چيو ته فارما سيڪٽر ۾ ڊجيٽل سڌارن کي لاڳو ڪرڻ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سمورين ڌُرين کي پنهنجي ڀرپور حمايت فراهم ڪرڻي پوندي. وفاقي وزير چيو ته جعلي دوائن سان نه صرف فارما انڊسٽريءَ جي ساک متاثر ٿي رهي آهي پر عوام جي صحت پڻ خطري ۾ وڌي پئي وڃي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ان نظام جي مدد سان مستقبل ۾ مريضن کي محفوظ، معياري ۽ اعتبار جوڳين دوائن جي فراهميءَ کي يقيني بڻايو ويندو. پاڪستان ۾ صحت جي شعبي ۾ سڌارن جي ضرورت آهي، خاص طور تي جعلي دوائن جي خاتمي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال انتهائي ضروري آهي. ان موقعي تي فارما انڊسٽريءَ جي نمائندن چيو ته اسان کي جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻو پوندو ته جيئن عوام جو اعتماد بحال رکي سگهجي ۽ جعلي دوائن خلاف جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي. اجلاس ۾ ملڪ جي 10 وڏين فارما سيوٽيڪل جي سربراهن، نمائندن ۽ سي اي او ڊريپ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں