اليڪشن ڪميشن پاران شبلي فراز جي نااهلي سبب خالي ٿيل سينيٽ جي سيٽ تي چونڊ لاءِ شيڊول جاري

اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن پاران شبلي فراز جي نااهلي سبب خالي ٿيل سينيٽ جي سيٽ تي چونڊ لاءِ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو. پولنگ 30 آڪٽوبر تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري شيڊول موجب ڪي پي ڪي مان جنرل سيٽ تي چونڊيل سينيٽر شبلي فراز جي نااهليءَ سبب ان سيٽ تي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ 8 ۽ 9 آڪٽوبر تي جمع ڪرائي سگهبا جن جي جاچ پڙتال …

اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن پاران شبلي فراز جي نااهلي سبب خالي ٿيل سينيٽ جي سيٽ تي چونڊ لاءِ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو. پولنگ 30 آڪٽوبر تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري شيڊول موجب ڪي پي ڪي مان جنرل سيٽ تي چونڊيل سينيٽر شبلي فراز جي نااهليءَ سبب ان سيٽ تي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ 8 ۽ 9 آڪٽوبر تي جمع ڪرائي سگهبا جن جي جاچ پڙتال 13 آڪٽوبر، نامزدگي ڪاغذ منظور يا رد ڪرڻ خلاف اپيلون 15 آڪٽوبر ۽ ٽربيونل طرفان انهن کي 17 آڪٽوبر تائين اُڪلايو ويندو. اميدوارن جي نظرثاني ٿيل فهرست 18 آڪٽوبر تي جاري ڪئي ويندي. نامزدگي ڪاغذ 20 آڪٽوبر تائين واپس وٺي سگهبا، جڏهن ته پولنگ 30 آڪٽوبر تي ڪي پي ڪي اسيمبليءَ جي عمارت ۾ صبح 9 وڳي کان شام 4 وڳي تائين ٿيندي. اليڪشن ڪميشن صوبائي اليڪشن ڪمشنر سعيد گل کي رٽرننگ آفيسر مقرر ڪيو آهي.

مزید خبریں