نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ هنگري جي نئين مقرر ٿيل سفير ڊاڪٽر زولٽن ورگا جي ملاقات

اسلام آباد _ 02 - آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ هنگري جي نئين مقرر ٿيل سفير ڊاڪٽر زولٽن ورگا ملاقات ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير واپار، سيڙپڪاري، توانائي، تعليم، دفاع ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ …

اسلام آباد _ 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ هنگري جي نئين مقرر ٿيل سفير ڊاڪٽر زولٽن ورگا ملاقات ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير واپار، سيڙپڪاري، توانائي، تعليم، دفاع ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ پاڪستان – هنگري جي وچ ۾ وڌندڙ تعاون کي ساراهيو. هن سفير جي ڪامياب مدي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ سگهه ڏيڻ جي ڪوششن جي لاءِ سفير تي اعتماد جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں