پاڪستان ۽ چين مضبوط ڀائر آهن ٻنهي جو مستقبل هڪ ٻئي سان واڳيل آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد _ 02 - آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين مضبوط ڀائر آهن جن جو مستقبل هڪ ٻئي سان واڳيل آهي، پاڪستان سدائين چين جي موقف جي حمايت ۽ تائيد ڪئي آهي، چين ٽيڪنالاجي ۾ جدت ۽ محنت جي زور تي دنيا ۾ جڳهه ٺاهي آهي، پاڪستان ۽ چين عملي طور تي هڪ ٻئي جا حصيدار آهن. چين جي ٽي وي …

اسلام آباد _ 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين مضبوط ڀائر آهن جن جو مستقبل هڪ ٻئي سان واڳيل آهي، پاڪستان سدائين چين جي موقف جي حمايت ۽ تائيد ڪئي آهي، چين ٽيڪنالاجي ۾ جدت ۽ محنت جي زور تي دنيا ۾ جڳهه ٺاهي آهي، پاڪستان ۽ چين عملي طور تي هڪ ٻئي جا حصيدار آهن. چين جي ٽي وي ”سي جي ٽي اين“ جي پروگرام ورلڊ ٽوڊي کي خصوصي انٽرويو دوران صدر چيو ته اسان جي جاگرافيائي بيهڪ گڏيل مفاد تي ٻڌل لاڳاپن جي حوالي سان اهميت رکندڙ آهي، ايندڙ نسلن کي باور ڪرائڻو اهي ته پنهنجي وسيلن جي بهتر استعمال سان پاڻڀرائپ حاصل ڪري سگهو ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تعاون ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، پاڻي جي انتظام، آفتن جي روڪٿام ۽ جديد زرعي ٽيڪنالاجي ۾ تعاون جو فروغ وقت جي گهرج آهي، پاڻي جي بچت ۽ موثر استعمال جي لاءِ آبپاشي جي جديد طريقن کي اختيار ڪرڻو پوندو. صدر آصف علي زرداري چيو ته زرعي شعبي ۾ پاڻڀرو ٿيڻو آهي ته جيئن پنهنجي مستقبل کي محفوظ بڻائي سگهون. هن چيو ته زرعي شعبي ۾ چين جي تجربن مان فائدو کڻنداسين. صدر چيو ته ترقي سڀني جو حق آهي، چين سان اسان جو تعاون هاڻي خلا تائين پهچي چڪو آهي. صدر چيو ته اسان پرامن گڏيل بقاءَ تي يقين رکون ٿا، هاڻي جنگين جو نه معاشي ترقي جو سوچڻو پوندو. هن چيو ته اسان هر طرح جي حالتن ۾ چين سان گڏ بيٺل آهيون، سڀني کي هڪ ٻئي جي خودمختياري جو احترام ڪرڻو پوندو، چين جو مستقبل روشن آهي، پورو اوڀر ان سان گڏجي ڪم ڪندو. هن چيو ته چين جا منهنجا دورا سدائين خيرسگالي جي لاءِ هوندا آهن. چين جي معيشت مضبوط ٿي جنهن جي ڪري عوام وڌيڪ خوشحال، مطمئن ۽ خوش آهي. هن چيو ته چين هاڻي بلڪل بدلجي چڪو آهي، 14 سال اڳ جڏهن هتي آيو هئس ته بلڪل مختلف هو، 16 کان 17 ڀيرا چين جو دورو ڪري چڪو آهيان ۽ اها ئي پنهنجائپ هر ڀيري ملي ٿي، چين جي عوام جي محبت مون کي بار بار هتي وٺي اچي ٿي. صدر آصف علي زرداري چين جي ترقي جي سفر ۽ پاڪ چين سمورين موسمن جي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي ساراهيندي تعليم، زراعت، توانائي ۽ رابطي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو. هن چين جي اوڀر ۾ قائداڻي ڪردار کي ساراهيو ۽ صدر شي جن پنگ جي عالمي حڪمراني جي اڳڀرائي سميت انهن قدمن کي ساراهيو جن جو مقصد گڏيل خودمختياري جو احترام آهي. صدر انٽرويو دوران پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي شاندار استقبال کي پڻ ساراهيو. صدر چيو ته چين جي جنهن علائقي ۾ به ويس، مون کي ڀرپور پيار مليو آهي، ان لاءِ چيني محبت مون کي بار بار هتي ڇڪي اچي ٿي. هن چيو ته اهو منهنجو چين جو 17هون دورو آهي جنهن دوران هو چينگڊو ۽ شنگهائي پڻ ويو. هن اقتصادي تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته اسان کي اقتصادي سوچ سان اڳتي وڌنو آهي ۽ زراعت جي شعبي ۾ في ايڪڙ پيداوار ۽ پاڻي جي انتظام ۾ بهتري آڻي زرعي شعبي ۾ پاڻڀرائپ حاصل ڪرڻ آهي جنهن جي لاءِ خلائي ٽيڪنالاجي جي حوالي سان چين سان معاهدي جو پڻ ورجاءُ ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ چين هر موسم ۾ اسٽريٽجڪ تعاون جا حصيدار هجڻ کانسواءِ عوام جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي حوالي سان پڻ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته دنيا ۾ جتي به وڃان ٿو، منهنجو پهريون موقف اهو هوندو آهي ته چين جو احترام ڪريو، ان کي اهو مقام ڏيو جنهن جو هو حقدار آهي، ان جي عوام، ان جي ٽيڪنالاجي، هر شيءَ دنيا جي احترام جي لائق آهي. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي حوالي سان صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان چين جي ويجهي ترين بندرگاهه آهي ۽ گوادر پورٽ جي ترقي نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا آهن ۽ وڌيڪ ڌيان، واپار ۽ انفراسٽرڪچر تي مرڪوز ڪري علائقائي ترقي کي فروغ ڏنو آهي. هن چيو ته ان ڪري منهنجي لاءِ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي تمام گهڻي اهميت آهي ته بلوچستان محفوظ تر ٿئي. اسان گڏاي هلائي توهان تائين پهچي سگهون ٿا ۽ توهان اسان تائين پهچي سگهو، تنهن ڪري اهو هڪ شاندار مستقبل جو تصور آهي. صدر آصف علي زرداري چين جي شمسي ۽ هوائي توانائي جي مهارت ۽ هائيڊرو پاور جي مستقبل ۾ ٻارڻ جي طور تي استعمال جو حوالو ڏيندي ان شعبي ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو. چين جي تيز رفتار ٽرين ۾ سفر جي پنهنجي تجربي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته هو سنڌ حڪومت کي ڪراچي ۽ حيدرآباد کي اهڙي ئي ٽرين سان ڳنڍڻ جي لاءِ راضي ڪندو جنهن سان سفر جو وقت اڍائي ڪلاڪن کان گهٽ ٿي 20 منٽ  رهجي ويندو، ان منصوبي جي 60 سيڪڙو مالي مدد پاڪستان ڪندو جڏهن ته چين 40 سيڪڙو آسان شرطن تي قرض فراهم ڪندو ۽ ان کي هلائيندو. تعليمي تعاون بابت صدر چيو ته هو چين ۾ نرسن کي تربيت جي لاءِ موڪلڻ جو خواهشمند آهي جنهن جي مالي مدد سنڌ حڪومت ڪندي جڏهن ته زمين ۽ عمارتون به مهيا ڪيون وينديون ۽ چيني ٽرينر پري پري کان به چين جي طبي مهارت شيئر ڪري سگهن ٿا. رستي جي رابطن ۾ بهتري جي اهميت جو حوالو ڏيندي هن چيو ته چيني سدائين اسان جي مدد ڪرڻ جي لاءِ رضامند رهندا آهن ۽ اسان چين جي مدد ڪرڻ جي لاءِ رضامند آهيون، تنهن ڪري اسان کي اميد آهي ته اهو رستو بهتر ٿي ويندو ته جيئن آئون وڌيڪ ڀيرا ڳالهه ٻولهه ڪري سگهان ۽ هوائي جهاز وٺڻ بدران گاڏي هلائي چين اچي سگهان.

مزید خبریں