خيبرپختونخواهه سيڙپڪاري جا وسيع موقعا رکي ٿو: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني

پشاور _ 02 - آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته خيبرپختونخواهه سيڙپڪاري جا وسيع موقعا رکي ٿو، معيشت استحڪام طرف وڌي رهي آهي، نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن ۽ ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪار پاڪستان تي اعتماد ڪري رهيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پشاور ۾ منعقد پاڪستان …

پشاور _ 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته خيبرپختونخواهه سيڙپڪاري جا وسيع موقعا رکي ٿو، معيشت استحڪام طرف وڌي رهي آهي، نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن ۽ ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪار پاڪستان تي اعتماد ڪري رهيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پشاور ۾ منعقد پاڪستان بزنس سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي طريقن کي ڳولڻ جي لاءِ هن سمٽ جو اهتمام ڪيو ويو آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان جي معيشت استحڪام طرف گامزن ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ملڪي ۽ غيرملڪي ٻنهي طرح جا سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ اعتماد جو اظهار ڪري رهيا آهن، ڇو ته حڪومت ڪاروبار جي لاءِ محفوظ ۽ سازگار ماحول يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکيون آهن. هن زور ڏئي چيو ته پاڪستان جي نوجوان آبادي جيڪا ملڪ جي ڪل آبادي جو اٽڪل 60 سيڪڙو آهي، ان جي سڀ کان وڏي طاقت آهي. هن چيو ته نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن کي انهن جي صلاحيتن کي سڃاڻڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ خوشحال مستقبل جي لاءِ انتهائي اهم آهي. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سياحت جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ ياد ڏياريو ته بطور سياحت واري وزير پنهنجي دور ۾ هن خطي ۾ سياحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مالم جبه چيئر لفٽ قائم ڪئي هئي. دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف پاڪستان جي جنگ بابت ڳالهه ڪندي وقتي صدر چيو ته جڏهن ڳالهه ٻولهه ناڪام ٿي وئي ته حڪومت وٽ سخت ڪارروائي کانسواءِ ڪو آپشن نه هو. هن چيو ته جڏهن اسان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف اٿي بيٺاسين ته پوري دنيا پاڪستان جو ساٿ ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته عالمي برادري جي تعاون سان 2.5 ملين کان وڌيڪ اندرون ملڪ بي گهر ٿيندڙ ماڻهن کي 90 ڏينهن جي اندر ڪاميابي سان ٻيهر آباد ڪيو ويو جيڪا هڪ ذڪر جوڳي انساني ڪوشش هئي جنهن کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو. يوسف رضا گيلاني پنهنجي ذاتي مصيبتن جنهن ۾ دهشتگردن جي هٿان پنهنجي پٽ جي اغوا جي معاملي جو پڻ حوالو ڏنو. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جون قربانيون جيڪي ان جي عوام، هٿياربند فوج، پوليس، ليويز ۽ فرنٽيئر ڪور ڏنيون آهن، انهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. هن ياد ڏياريو ته بطور وزيراعظم مون 14 سالا ملاله يوسفزئي کي عالمي شهرت ملڻ سان تمام گهڻو اڳ پنهنجي آفيس ۾ گهرايو ۽ تعليم جي لاءِ ان جي حوصلي ۽ عزم جي اعتراف ۾ کيس قومي امن ايوارڊ سان نوازيو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جاگرافيائي، عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ جي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. هن ٻنهي ملڪن کي ”جاڙا ڀائر“ قرار ڏنو ۽ چيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان جي بهترين مفاد ۾ آهي. هن اميد جو اظهار ڪيو ته افغانستان جي زمين ڪڏهن به پاڪستان جي خلاف استعمال نه ٿيندي. هن افغانستان سان گڏوگڏ چين، روس ۽ ايران سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان تعميري لاڳاپا برقرار رکڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان سدائين خطي ۾ امن ۽ ڳالهه ٻولهه جي ڪوشش ڪئي آهي. ممبئي حملن کانپوءِ جي حالتن جو حوالو ڏيندي هن چيو ته پاڪستان مڪمل تعاون جي آڇ ڪئي هئي ۽ ڪشمير، سياچن ۽ دهشتگردي سميت سمورن حل طلب مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ٻيهر شروع ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو. وقتي صدر چيو ته قومون پنهنجي غلطين مان سبق سکنديون آهن ۽ يڪجهتي ۽ حڪمت سان اڳتي وڌنديون آهن. هن چيو ته پاڪستان وڌيڪ غلطين کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اسان پنهنجي تجربن مان سکيو آهي، هاڻي اسان کي امن، استحڪام ۽ ترقي تي ٻڌل مستقبل تعمير ڪرڻو آهي. هن اعتماد جو اظهار ڪيو ته سرڪاري ۽ نجي شعبي جي وچ ۾ ويجهي تعاون سان گڏوگڏ پائيدار علائقائي امن، پاڪستان جي معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۽ ان جي عوام جي لاءِ وڌيڪ خوشحال مستقبل جي تخليق ۾ مدد فراهم ڪندو. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، پيپلزپارٽي جا سينيئر اڳواڻ ۽ ڪاروباري برادري جا ميمبر پڻ موجود هئا.

مزید خبریں