اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٽمپرڊ ۽ ضبط ٿيل گاڏين بابت اعليٰ سطحي ڪميٽي جو جائزه اجلاس

اسلام آباد _ 02 - آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ٽمپرڊ ۽ ضبط ٿيل گاڏين بابت اعليٰ سطحي ڪميٽي جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ نيلامي جي عمل کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل حل کي اختيار ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس دوران ايف بي آر عملدارن غيرڪسٽم …

اسلام آباد _ 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ٽمپرڊ ۽ ضبط ٿيل گاڏين بابت اعليٰ سطحي ڪميٽي جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ نيلامي جي عمل کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل حل کي اختيار ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس دوران ايف بي آر عملدارن غيرڪسٽم ادا ٿيل گاڏين جي لاءِ تجويز ڪيل آن لائين/ اي نيلامي ماڊيول تي هڪ تفصيلي پريزنٽيشن ڏني جنهن جو مقصد ڄاڻايل گاڏين جي نيلامي جي عمل ۾ وڌ کان وڌ شفافيت، ايفيشنسي ۽ غيرجانبداري کي يقيني بڻائڻ آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ٽيڪنالاجي تي ٻڌل حل کي اختيار ڪرڻ جي حڪومتي عزم جي ٻيهر تائيد ڪئي جيڪا شفافيت کي وڌائي ٿي ۽ قيمتي عوامي وسيلن جي تحفظ کي يقيني بڻائي ٿي. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي ناڻي واري خاص معاون طارق باجوه، ايف بي آر چيئرمين ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شرڪت ڪئي.

مزید خبریں