وقتي صدر جي خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان گڏ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ عاصمه ارباب عالمگير سان سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت

پشاور _ 02 - آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ڪالهه خميس ڏينهن خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان گڏ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ عاصمه ارباب عالمگير جي گهر ويو جتي هن ساڻس سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ۽ خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي عاصمه ارباب عالمگير …

پشاور _ 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ڪالهه خميس ڏينهن خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان گڏ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ عاصمه ارباب عالمگير جي گهر ويو جتي هن ساڻس سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ۽ خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي عاصمه ارباب عالمگير جي والد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. هن عاصمه ارباب عالمگير ۽ گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته هو سندن ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پونئيرن کي اهو ناقابل تلافي صدمو برداشت ڪرڻ جي همت ۽ حوصلو عطا فرمائي. ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي خيبرپختونخواهه جو صوبائي صدر محمد علي شاهه باچا، ايم پي اي ارباب زرڪ ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ پڻ موجود هئا.

مزید خبریں