صدر پاران گلوبل صمود فلوٽيلا تي اسرائيلي جارحيت جي شديد لفظن ۾ مذمت

اسلام آباد _ 02 - آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گلوبل صمود فلوٽيلا تي اسرائيلي جارحيت جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته امدادي مشن تي حملو انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزي آهي، عالمي برادري غزه جي شهرين کي امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري گلوبل …

اسلام آباد _ 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گلوبل صمود فلوٽيلا تي اسرائيلي جارحيت جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته امدادي مشن تي حملو انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزي آهي، عالمي برادري غزه جي شهرين کي امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري گلوبل صمود فلوٽيلا ۾ شريڪ پاڪستاني شهرين جي بهادري ۽ انسان دوستي کي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر چيو ته امدادي مشن تي حملو انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزي آهي. صدر آصف علي زرداري عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته غزه جي شهرين کي امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. صدر فلوٽيلا تي موجود پاڪستاني شرڪت ڪندڙن جي سلامتي ۽ فوري واپسي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان سدائين مظلوم فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل رهندو.

مزید خبریں