اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد _ 02 - آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي سربراهن واري ڪائونسل جي 27 – 2026ع ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ اجلاس جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور …

اسلام آباد _ 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي سربراهن واري ڪائونسل جي 27 – 2026ع ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ اجلاس جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۾ ايس سي او ملڪي سربراهن جي اجلاس جي ميزباني شاندار انداز ۾ ٿيڻ گهرجي. اجلاس پرڏيهي وزارت ۾ ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، وقتي پرڏيهي سيڪريٽري، ڪابينا ڊويزن، گهرو، اطلاعات جي سيڪريٽرين، سي ڊي اي چيئرمين، آءِ جي اسلام آباد ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں