اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق غزه لاءِ امدادي سامان کڻي ويندڙ گلوبل صمود فلوٽيلا تي اسرائيلي جارحيت جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ هن امدادي سامان کڻي ويندڙ رضاڪارن جي سلامتي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ اسرائيلي فورسز جي حراست هيٺ رضاڪارن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسرائيلي فوج پاران امدادي فلوٽيلا تي حملو …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران غزه لاءِ امدادي سامان کڻي ويندڙ گلوبل صمود فلوٽيلا تي اسرائيلي جارحيت جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق غزه لاءِ امدادي سامان کڻي ويندڙ گلوبل صمود فلوٽيلا تي اسرائيلي جارحيت جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ هن امدادي سامان کڻي ويندڙ رضاڪارن جي سلامتي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ اسرائيلي فورسز جي حراست هيٺ رضاڪارن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسرائيلي فوج پاران امدادي فلوٽيلا تي حملو کليل دهشتگردي آهي. انساني همدردي تحت فلسطيني عوام لاءِ امداد کڻي ويندڙ ڪارڪنن تي حملو انتهائي شرم جوڳو آهي، عالمي برادري ۽ گڏيل قومون اسرائيلي جارحيت جو فوري طور تي نوٽيس وٺن. هن وڌيڪ چيو ته امدادي ڪارڪن ۽ رضاڪار صرف خوراڪ، دوائون ۽ ضرورت جو ٻيو سامان فلسطيني عوام تائين پهچائڻ چاهين پيا. اسپيڪر وڌيڪ چيو ته غزه جي عوام کي بنيادي ضرورتن کان محروم رکڻ غير قانوني قدم آهي، پاڪستان فلسطيني عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ، حڪومت ۽ عوام فسلطيني عوام جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد جي مڪمل حمايت جاري رکندا.











