وفاقي حڪومت آزاد ڪشمير ۾ جاري احتجاج ۽ مسئلن کي ڳالهين ۽ قانوني رستي سان حل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي: ڳالهين واري ڪميٽي

اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم پاڪستان طرفان ايڪشن ڪميٽي سان ڳالهين لاءِ نامزد وفد جي ميمبرن چيو آهي ته وفاقي حڪومت آزاد ڪشمير ۾ جاري احتجاج ۽ مسئلن کي ڳالهين ۽ قانوني رستي سان حل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي، اميد آهي ته گڏيل ڳالهين ذريعي سمورا مسئلا هاڪاري ۽ پُرامن ماحول ۾ حل ٿي ويندا. وزيراعظم جي هدايت تي اعليٰ سطحي ڪميٽيءَ ۾ شامل رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن …

اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم پاڪستان طرفان ايڪشن ڪميٽي سان ڳالهين لاءِ نامزد وفد جي ميمبرن چيو آهي ته وفاقي حڪومت آزاد ڪشمير ۾ جاري احتجاج ۽ مسئلن کي ڳالهين ۽ قانوني رستي سان حل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي، اميد آهي ته گڏيل ڳالهين ذريعي سمورا مسئلا هاڪاري ۽ پُرامن ماحول ۾ حل ٿي ويندا. وزيراعظم جي هدايت تي اعليٰ سطحي ڪميٽيءَ ۾ شامل رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال مظفر آباد ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي سان ڳالهين لاءِ روانو ٿيڻ کان اڳ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي چيو ته حڪومت آزاد ڪشمير ۾ جاري احتجاج ۽ مسئلن کي ڳالهين ۽ قانوني رستي ذريعي حل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي، اميد آهي ته گڏيل ڳالهين ذريعي سمورا مسئلا هاڪاري ۽ پُرامن ماحول ۾ حل ٿي ويندا. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا زميني صورتحال جو جائزو وٺندي ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڀائيوارن سان ملاقاتون ڪندي. هن چيو ته اسان مظفر آباد جو اعليٰ سطحي دؤرو ڪري رهيا آهيون ته جيئن صورتحال جو ويجهي کان جائزو وٺي سگهون ۽ عوام سان سڌيءَ ريت ڳالهيون ڪري سگهون، جتي به قانوني حل ممڪن هوندو، حڪومت عوام جي جائز مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. وفاقي وزير آزاد ڪشيمر جي محبِ وطن عوام جي جذبن کي تسليم ڪندي سندن پُرامن رهڻ ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل ڪئي. هن چيو ته خطي ۾ سڄي دنيا جي موجوده صورتحال نهايت حساس آهي، ڪجهه قوتون پاڪستان ۾ بدامني جو فائدو کڻڻ چاهين ٿيون، ان لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته اسان اهڙيون حالتون پيدا نه ڪريون، جنهن سان ملڪ جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچي. وفاقي وزير خاطري ڪرائي ته وفاقي حڪومت عوام جي مسئلن ۽ خدشن کان پوريءَ طرح واقف آهي ۽ ان کي پُرامن ۽ تعميري انداز ۾ حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.  آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارلحق چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي پاڪستان کان وفد مظفر آباد وڃي رهيو آهي جتي هو انهن ڳالهين واري عمل کي ٻيهر بحال ڪندو جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ رڪاوٽ جو شڪار ٿيو هو. ان کان اڳ اسان جا ٻه معزز وفاقي وزير مظفر آباد ويا هئا، ايڪشن ڪميٽي سان تمام گهڻا معاملا طئي ٿي چڪا آهن. گذريل ٻن ٽن ڏينهن کان آزاد ڪشيمر جي عوام کي اڻوڻندڙ صورتحال درپيش آهي، ان جو وزيراعظم پاڪستان پرڏيهه ۾ هوندي نوٽيس ورتو ۽ اعليٰ سطحي وفد جوڙيو جيڪو ڳالهين ۾ رڪاوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي مختلف پارٽين جي اڳواڻن تي ٻَڌل وفد ان اميد ۽ جذبن جو اظهار ڪري رهيا آهن ته معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪن، تشدد سبب معاملن بگڙجن ٿا، اهي اسان جا ڀائر آهن، ساڻن همدردي آهي، سندن جائز مطالبن جي حل لاءِ رستو تلاش ڪريون جيڪو آئين ۽ قانون موجب هجي ۽ ان تي هلي مسئلي جو حل ڪڍي سگهجي ۽ امن امان برقرار رهي. ڪشمير گلگت بلتستان بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو ته وزيراعظم طرفان معاملي ۾ دلچسپي وٺڻ تي سندن شڪريو ادا ڪريون ٿا، وفد ۾ وڏا تجربيڪار ماڻهو شامل آهن، پهرين به اسان جي ڪوشش هئي ته مسئلن جو پُرامن حل ڪڍيو وڃي، ان لاءِ ئي ڳالهيون ڪيون، هاڻ انهن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون. اسان نيڪ نيتيءَ سان وڃون پيا ۽ گڏجي ويهي مسئلن جو حل ڪڍنداسين. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو ته اسان ڪشيمر وڃي عوامي ايڪشن ڪميٽي سان ڳالهيون ڪنداسين، هر مسئلي جو حل ڳالهيون ئي آهن، اسان سڀ ذميدار ماڻهو آهيون، ايڪشن ڪميٽيءَ جا جائز مطالبا هوندا ته اهي مڃنداسين، اهائي وزيراعظم جي هدايت آهي، ايڪشن ڪميٽي کان به اميد آهي ته ڳالهين سان ان مسئلي جو حل نڪري ايندو. پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته اعليٰ سطحي وفد مظفر آباد وڃي رهيو آهي، اسان جي پوري ڪوشش آهي ته معاملن تي پُرامن طريقي سان ڳالهيون ٿين، تشدد ڪنهن مسئلي جو حل ناهي. پ پ جي اڳوڻي وفاقي وزير چوڌري قمر الزمان ڪائره چيو ته ڳالهيون ۽ معاملا افهام و تفهيم سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين هر مسئلي جو حل ڳالهيون ئي آهن.

مزید خبریں