اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) سمنڊ پار پاڪستانين بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته تبديل ٿيندڙ سماجي ۽ معاشي حالتن ۾ هنرمند افرادي سگهه جي تياري اڻٽر آهي ۽ ان ۾ عورتن، محروم طبقن ۽ ڪمزور گروهن کي به برابر جا موقعا ڏيڻا پوندا. ”ٽو ڊي انٽرنيشنل ڊائلاگ آن ٽي وي اي ٽي“ جي اهم پاليسي سيشن کي خطاب ڪندي هن ان ڳالهه تي زور ڀريو …
تبديل ٿيندڙ سماجي ۽ معاشي حالتن ۾ هنرمند افرادي سگهه جي تياري اڻٽر آهي: چوڌري سالڪ حسين

مزید خبریں
اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) سمنڊ پار پاڪستانين بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته تبديل ٿيندڙ سماجي ۽ معاشي حالتن ۾ هنرمند افرادي سگهه جي تياري اڻٽر آهي ۽ ان ۾ عورتن، محروم طبقن ۽ ڪمزور گروهن کي به برابر جا موقعا ڏيڻا پوندا. ”ٽو ڊي انٽرنيشنل ڊائلاگ آن ٽي وي اي ٽي“ جي اهم پاليسي سيشن کي خطاب ڪندي هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل ايجوڪيشن کي سڀن لاءِ رسائي جوڳو ۽ جامع بڻايو وڃي ته جيئن ڪوبه ماڻهو پوئتي نه رهي. تقريب ۾ عاليم تنظيمن، سفارتي نمائندن ۽ سول سوسائٽيءَ سان واڳيل ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڏکڻ ڪوريا سميت ڪيترن ئي ملڪن سان مهارتن کي هٿي وٺرائڻ بابت معاهدا ڪيا آهن ته جيئن عالمي معيار جي ٽريننگ پاڪستان ۾ ممڪن ٿي سگهي. هن چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام، نيوٽيڪ ۽ ٽيوٽا جهڙا ادارا عالمي مارڪيٽن جي ضرورتن موجب نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ تي ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي. بعد ۾ صحافين سان ڳالهين وفاقي وزير چيو ته گذريل سال 7 لک 35 هزار پاڪستاني روزگار لاءِ پرڏيهه ويا ۽ حڪومت وائيٽ ڪالر ۽ مئنجمينٽ سطح جي ملازمتن جي موقعا پڻ وڌائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي. هن زور ڀرييندي چيو ته صرف پاڪستانين کي ٻاهر اُماڻڻ ڪافي ناهي پر سندن لاءِ محفوظ ۽ باعزت ماحول پڻ يقيني بڻايو وڃي، خاص طور تي بيلاروس جهڙي ملڪ ۾. غير قانوني هجرت جي روڪٿام لاءِ مختلف ملڪن سان هاڪاري ڳالهيون جاري. اسرائيل طرفان گلوبل فلوٽيلا جي ڪارڪن جي گرفتاريءَ تي سخت ردِعمل ڏيندي چوڌري سالڪ حسين عالمي برادري کان اسرائيل جي بائيڪاٽ جو مطالبو ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جا آمريڪا سان ناتا تاريخ جي بهترين دؤر مان گذري رهيا آهن ۽ اسان کي چين، روس سميت سمورين عالمي قوتن سان برابري جي بنياد تي ناتا قائم ڪرڻ گهرجن. هن اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت ۽ پ پ وچ ۾ ڳالهين سان سياسي معاملا حل ٿي ويندا.











