اسلام آباد -02 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت آزاد ڄمون ڪشمير ۾ جاري احتجاج ۽ مسئلن کي ڳالهين ۽ قانوني رستن سان حل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اميد آهي ته گڏيل ڳالهين ذريعي سمورا مسئلا مثبت ۽ پرامن ماحول ۾ حل ٿي ويندا. مظفرآباد روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز …
حڪومت آزاد ڪشمير ۾ جاري احتجاج ۽ مسئلن کي ڳالهين ۽ قانوني رستن سان حل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: وفاقي وزير احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد -02 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت آزاد ڄمون ڪشمير ۾ جاري احتجاج ۽ مسئلن کي ڳالهين ۽ قانوني رستن سان حل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اميد آهي ته گڏيل ڳالهين ذريعي سمورا مسئلا مثبت ۽ پرامن ماحول ۾ حل ٿي ويندا. مظفرآباد روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان هڪ اعليٰ سطح جي ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا زميني صورتحال جو جائزو وٺندي ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڌرين سان ملاقاتون ڪندي. هن چيو ته اسان مظفرآباد جو اعليٰ سطح جو دورو ڪري رهيا آهيون ته جيئن صورتحال جو ويجهي کان جائزو وٺي سگهجي ۽ عوام سان سڌيءَ ريت ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي، جتي به قانوني حل ممڪن هوندو، حڪومت عوام جي جائز مسئلن جي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پوري طرح تيار آهي. وفاقي وزير آزاد ڪشمير جي محب وطن عوام جي جذبن کي تسليم ڪندي علائقي ۾ پرامن رهڻ ۽ صبر جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. هن چيو ته خطي ۽ سڄي دنيا جي موجوده صورتحال نهايت حساس آهي، ڪجهه قوتون پاڪستان ۾ بدامني جو فائدو کڻي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿيون، ان لاءِ اهو ضروري آهي ته اسان اهڙيون حالتون پيدا نه ڪريون جنهن کي ملڪ جي امن ۽ استحڪام خلاف استعمال ڪري سگهجي. وفاقي وزير خاطري ڪرائي ته وفاقي حڪومت عوام جي مسئلن ۽ خدشن کان چڱي ريت باخبر آهي ۽ انهن کي پرامن ۽ تعميري انداز ۾ حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. هن چيو ته اسان آزاد ڪشمير جي عوام جي جذبن جو احترام ڪريون ٿا ۽ کين خاطري ڪرايون ٿا ته سندن مسئلن کي نظر انداز نه ڪيو ويندو، اسان جي اميد آهي ته گڏيل ڳالهين ذريعي سمورا مسئلا مثبت ۽ پرامن ماحول ۾ حل ٿي ويندا.











